20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڏوڪري شهر ۾ يوگا سينٽر جو کُلڻ :ساجد مسڻ

ڪامل صحت رکڻ جي باري ۾ اسان کي ڪيتريون ئي چوڻيون سنڌي زبان ۾ ملنديون،جهڙوڪ ”تندرستي هزار نعمت آهي“ يا ”صحت مند جسم ۾ ئي صحتمند دماغ هوندو آهي“ يا صحند دماغ ئي صحتمند معاشرو جوڙيندا آهن يا ”جيءُ خوش ته جهان خوش“ غيره وغيره، شامل آهن…

اها به حقيقت آهي ته صحتمند جسم ٻين ڪمزور جسمن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکندا آهن،ساڳي طريقي سان صحتمند جسم ۽ صحتمند دماغ برقرار رکڻ لاءِ ڏوڪري جي انسان دوست، وطن دوست باصلاحيت، باڪرادر، جنهن کي فلاح و بهبود جي ڪمن ڪرڻ جي ستي پنهنجي ئي والد محترم احمد بخش سومرو کان ننڍپڻ ۾ ملي، جنهن جي نتيجي ۾ حيدر بخش سومرو اڄ تائين سماجي ڪم وڏي چاهه ۽ دلچسپي سان ڪندو پيو اچي.

هن چوڻي کي زنده رکڻ لاءِ  ”جيءُ خوش ته جهان خوش“ حيدر بخش سومرو ذاتي دلچسپي وٺي لاڙڪاڻي مان يوگا جي اعلى تربيت ڏيندڙ عملو جنهن ۾ استاد مسڪين ارباب علي،ايم-ايس موريو،شعيب شيخ، عبدالڪريم چنه، سڪندر قريشي ۽ امتياز کوکر کي مانُ ڏئي ڏوڪري واسين لاءِ پهرين مرحلي ۾ تربيت واسطي گهرايو،جن بنيادي ڄاڻ ڏني.

يوگا جي حوالي سان مشهور ڊاڪٽر نيونس جو چوڻ آهي ته ”يوگا ڪرڻ سان نه صرف بلڊ پريشر،  گهٽجي ٿو،پر ساڳي وقت ننڊ نه اچڻ واري بيماري (Insomnia)  پڻ گهٽ ٿئي ٿي“.

هر روز صبح جو 6 بجي عيد گاه ۾ ڏوڪري جي عوام کي تربيت ڏيندڙ حيدر بخش سومرو جو چوڻ آهي ته روزانو جي بنياد تي يوگا ايڪسر سائيز ڪرڻ سان ڪيترائي فائدا ملن ٿا،پر انهن سڀني ۾ جيڪي اهم آهن اهي،وزن گهٽائڻ،ساهه جي تڪليف جو ڇوٽڪارو ڏيڻ،دل جي دڙڪن جو تيز ٿيڻ،جسم کي مضبوط بڻائڻ،حاضر دماغ رکڻ،دل ۽ دماغ چست ۽ ڦڙت ٿيڻ اچي وڃن ٿا.

يوگا جي ورزش ۾ هر روز جي بنياد تي عامر ميراڻي، چندر لعل اوڏ، فياض گاڏهي، جاويد ميمڻ، گلشن انصاري، عبدالقادر جلباڻي، باقر جوڻيجو، مهراڻ ميمڻ، منير گلال، الطاف ميمڻ، هريش ڪمار اوڏ سميت ڪيترائي نوجوان اچن ٿا.

حيدربخش سومرو جو چوڻ آهي ته آئون بنا ڪنهن رنگ نسل ۽ فرقيوارت جي سڀني کي ته  دل سان دعوت ڏيان ٿو ته هو اچن انهن کي مفت ۾ تربيت ڏني ويندي،صحت کان وڌيڪ ڪا به شيءِ اهميت نه ٿي رکي.ڏوڪري شهر ۾ يوگا سينٽر جو کلڻ خوشي جي ڳالهه آهي،اسان حيدر بخش سومرو کي اهڙي عمل ڪرڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا ۽ وڌيڪ اميد پڻ رکون ٿا ته هو ڏوڪري جي عوام جي خدمت بنا ڪنهن فرق جي جاري رکندو ايندو..

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے