18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڪينسر کان بچڻ جا ڪجهه حفاظتي اپاءَ

ڪينسر کان بچڻ لاءِ احتياطي اپاءَ وٺڻ انتهائي ضروري آهن، پر عام ماڻهن کي اهو اندازو ئي نه آهي ته کيس ڪهڙا ڪهڙا اپاءَ وٺڻ گهرجن جو هو ڪينسر کان بچي سگهن.

ڪينسر جديد دور ۾ هڪ انتهائي موذي مرض ٿي دنيا جي سامهون آيو آهي، جيڪي هاڻي ڪيترن شڪلن ۾ ۽ ڪيترن سببن ڪري ظاهر ٿئي ٿو.

پر بدقسمتي اها آهي ته عام ماڻهو اڃان ان متعلق ڪا بنيادي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ به سنجيده نظر نه ٿو اچي، اهو ئي سبب آهي جي ڪينسر خلاف انسان حفاظتي اپاءَ وٺڻ جي لائق نه ٿو رهي.

ڪينسر کان بچڻ اوهان جي پنهنجي هٿ ۾ آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته اوهان پنهنجي زندگيءَ جي طور طريقي کي چانچيو، سمجهيو ۽ ان کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون وٺو ۽ پنهنجي زندگيءَ جي اهڙن عملن ۽ ڳالهين کي ترڪ ڪريو جيڪو ڪينسر جا سبب بڻجي سگهن ٿا،

اوهان جي معلومات لاءِ پيش آهي هڪ جديد تحقيق جيڪا اوهان لاءِ موثر بڻجي سگهي ٿي.

 سگريٽ ڇڪڻ

ڪينسر جي سڃاڻپ اوچتو ئي ٿئي ٿي ۽ اهڙي خبر ڪنهن به ماڻهوءَ لاءِ ڪنهن صدمي کان گهٽ نه آهي، سگريٽ ڇڪڻ ڪينسر جي بنيادي سببن مان هڪ آهي. سگريٽ ڇڪڻ سان نه صرف ڦڦڙن جي ڪينسر ٿئي پر سگريٽ ڇڪڻ ڪينسر جي ٻين ڪافي قسمن جي ڪينسر جو پڻ سبب بڻجي ٿو.

ٿولهه ” موت “ آهي

ڪينسر جي سببن مان هڪ سبب ” ٿولهه“ يا حد کان وڌيڪ وزن جو ٿيڻ آهي. ٿولهه جي ڪري هر قسم جي ڪينسر جا امڪان وڌي وڃن ٿا. خاص ڪري بڪين، مثاني ۽ خوراڪ جي ناليءَ جي ڪينسر، ٿلهين عورتن ۾ ٻچيداني ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر جو خطرو وڌي وڃي ٿو.

جسماني تربيت

جسماني طور تي سست ماڻهو اڪثر ڪري ڪينسر جا مريض ٿي ويندا آهن. ڪجهه مطالعي ۽ جائزن بعد اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته باقاعدي رانديون کيڏڻ سان ٽيومر جو خطرو ٽري وڃي ٿو. جسم کي حرڪت ڏيڻ سان انسولين جو مقدار گهٽجي وڃي ٿي جنهن ڪري ٿولهه جو خطرو به نه ٿو رهي. ان لاءِ پنڌ هلڻ ۽ ٿوري دير لاءِ سائيڪل هلائڻ به سٺو آهي.

شراب پيئڻ

شراب پيئڻ سان منهن، ڳلي، ساهه ۽ خوراڪ جي ناليءَ جو ڪينسر ٿي سگهي ٿو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته شراب پيئڻ ۽ سگريٽ ڇڪڻ سان ڪينسر جو خطرو ٻيڻو ٿي وڃي ٿو.

ناقص گوشت

ڳاڙهه سري رنگ وارو گوشت معدي جي ڪينسر جي سبب بڻجي سگهي ٿو. اصل سبب متعلق ته ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي پر تحقيق اهو ٻڌائي ٿي ته ڳاڙهه سري گوشت ۽ معدي جي ڪينسر وچ ۾ تمام گهاٽو تعلق آهي، خاص ڪري ڳئون جو گوشت تمام گهڻو خطرناڪ آهي. جڏهن ته محدود مقدار ۾ سوئر جو گوشت کائڻ به ڪينسر جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

ڪوئلي تي پچايل ڪڙاهي

ڪوئلن تي گوشت پچائن يا ڪڙاهي ڪرڻ سان پولي سائيڪلڪ هائڊروڪاربان مادو ٺهي ٿو، جنهن سان ڪينسر جو خطرو وڌي وڃي ٿو. جانورن تي تجربن مان ته اها ڳالهه ثابت ٿي وئي آهي پر انسانن تي گذريل ڪيئي سالن کان هلندڙ تجربن مان اڃان اها ڳالهه ثابت ٿي نه سگهي آهي.

فاسٽ فوڊ کان پرهيز ڪريو

کاڌي ۾ سبزين، ميون ۽ فائبر جو استعمال ڪرڻ سان ڪينسر کان بچي سگهجي ٿو. هڪ ڊگهي عرصي کان هلندڙ مطالعاتي جائزن بعد سائنسدان ان نتيجي تي پهتا آهن ته صحت مند خوراڪ سبب ڪينسر ٿيڻ جو خطرو ڏهه سيڪڙو تائين گهٽجي وڃي ٿو.

گهڻا شعاع، گهڻو نقصان

سج مان نڪرندڙ ”الٽرا وايوليٽ“ ريز جسم ۾ داخل ٿينديون آهن. ان ڪري چمڙيءَ جي ڪينسر جا امڪان وڌي ويندا آهن. اهڙي صورت ۾ استعمال ٿيندڙ مختلف ڪريمون جسم کي سج جي روشنيءَ کان ته بچائينديون آهن پر جيڪڏهن اهڙي صورتحال ۾ اوهان جي چمڙيءَ جو رنگ تبديل ٿي وڃي ته اوهان اهو سمجهو ته سج مان نڪرندڙ ”الٽراوايوليٽ“ شعاع جسم جي اندر داخل ٿي ويا آهن.

علاج جو جديد طريقو به نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو

ايڪسري دوران نڪرندڙ شعائون پڻ مورثي خاصيتن کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون. عام ايڪسري جي مقابلي ۾ ڪمپيوٽر ٽوموگرافي وڌيڪ نقصانڪار آهي.

انفيڪشن ذريعي ڪينسر

جسم ۾ ڳوڙهي يا ڪنهن ڳڙَ سبب ” پاپي لوما وائرس“ سبب عورتن ۾ ٻچي دانيءَ جي ڪينسر جو خطرو وڌي وڃي ٿو. هيپاٽائيٽس بي ۽ سي سبب جگر کي نقصان پهچي ٿو. هن تصوير ۾ ” هيليڪوبيڪٽريا پائرولي بيڪٽريا“ معدي ۾ داخل ٿي ڪينسر جو سبب بڻجي ٿي. انهن مان ڪيئي وائرس اهڙا آهن جن سبب ڪينسر ٿئي ٿي.

حمل ضايع ڪرڻ واريون گوريون

حمل ضايع ڪرڻ وارين گورين جي استعمال سان ڇاتيءَ جي ڪينسر جا امڪان وڌي وڃن ٿا، جڏهن ته اهڙين گورين کائڻ سان عورتن ۾ ٻچي دانيءَ جي ڪينسر جا امڪان گهٽجي وڃن ٿا. اهڙين گورين سان نقصان پنهنجي جاءِ تي پر اهڙين گورين جي استعمال جي ڪيئي فائدا پڻ آهن.

ڪينسر ڪڏهن به ٿي سگهي ٿي

بلاشڪ ماڻهو ڊاڪٽرن جي مشورن تي عمل ڪن ۽ احتياط کان ڪم وٺن پر پوءِ به ڪينسر ڪڏهن به لڳي سگهي ٿو. ڪينسر جي اڌ کان وڌيڪ مريضن ۾ غلط جين قصور وار هوندو آهي يا ان سلسلي ۾ عمر جو به عمل دخل هوندو آهي. برين ٽيومر يا دماغي ڪينسر مورثي سبب ڪري ئي نه پر ڪجهه ٻين سببن ڪري به ٿئي ٿي.

جديد تحقيق بعد ڪينسر جي مرض ٿيڻ لاءِ هي ڪجهه بنيادي سبب سامهون آيا آهن، جن متعلق ٿورو غور ۽ فڪر ڪرڻ ۽ انهن کان احتياط ڪرڻ سان ممڪن آهي اوهان ڪينسر جهڙي موذي مرض کان بچي وڃو.                              ( سنڌيڪار: زاهد ميراڻي)

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے