27 جمعہ , اپریل 2018

نيوز: ڪراچي ۾سٽي ڪورٽ جي مال خاني کي باهه ، رڪارڊ سڙي  رک

*ڪراچي ۾ سٽي ڪورٽ جي مال خاني کي پراسرار نموني باهه لڳي وئي، مال خاني ۾ رکيل هٿيار، بارود ۽ ڏوهارين جو اهم رڪارڊ سڙي ويو.

 بارود ڦاٽڻ جي ڌماڪن سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال، عمارت جو اڌ حصو ڪري پيو، آءِ جي سنڌ ۽ ڪراچي پوليس چيف سميت اعليٰ پوليس آفيسر پهتا.

اطلاع تي فائر برگيڊ گاڏيون ۽ امداي ٽيمن پهچي باهه تي ضابطو آندو جڏهن ته باهه جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن .

چيف فائر آفيسر تحسين احمد ٻڌايو ته مال خاني کي ٻاهران تالو لڳل هو باهه اندر لڳي، بارود رکيل هجڻ ڪري تمام گهڻو خطرو موجود هو، 4 ڪلاڪن جي جدوجهد بعد باهه تي ضابطو آندو آهي.

ٻئي پاسي باهه لڳڻ جي اطلاع تي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا، ڪراچي پوليس چيف مشتاق مهر، ڊي آءِ جي آزاد خان ۽ ٻيا اعليٰ پوليس عملدار واقعي واري هنڌ پهتا

 ان موقعي تي آءِ جي سنڌ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مال خاني کي ٻاهران تالو ۽ سخت پهرو هوندو آهي، تنهن ڪري اهو لڳي رهيو آهي ته باهه بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب لڳي آهي واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪرائي ويندي. ………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز : اڳڙا: بااثر پاران ڪيس تان هٿ نه کڻڻ تي پيرسن جو ڪارو منهن ڪري تذليل

اڳڙا ڀرسان بااثر وڏيري ڪيس تان هٿ نه کڻڻ تي پيرسن کي ڪارو منهن ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے