22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڳاڙھو:پرائمري اسڪول 8 مهينن کان بند، شاگرد امتحان کان به محروم

*  ڳاڙھو ويجھو    پرائمري اسڪول 8 مهينن کان بند هجڻ سبب   شاگرد امتحان ڏيڻ کان محروم بڻيل آهن.

تعليم کاتي ڪا به توجھه نه  ڏني، ڳوٺاڻن ۽ شاگردن  پاران احتجاج ڪيو ويو.

 ڳاڙھو ويجھو يونين ڪائونسل محلي جي ڳوٺ محمد علي شولاڻي جو گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول استاد نه هئڻ سبب 8 مهينن کان بند پيل آهي، جنهن سبب معصوم ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي.

 هي اسڪول شهر ۽ ٻين اسڪولن کان پري هئڻ سبب آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن جا شاگرد هتي پڙھڻ اچن ٿا.

ڳوٺاڻن حاجي جمعون شولاڻي، ڊاڪٽر يوسف شولاڻي، ڪائونسلر ملڪ سليمان شولاڻي،  ۽ ٻين چيو ته استاد نه هجڻ ڪري اسڪول بند آهي

 هنن مطالبو ڪيو ته ترت اسڪول ۾ استاد مقرر ڪيو وڃي ته جئين عملي سرگرميون بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهن ……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | قاضي احمد: عاشور  جو ڏهاڙو انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

قاضي احمد شھر  ۾ عاشور  جو ڏهاڙو انتهائي  عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو قديمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے