21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: لاڙڪاڻو:شادي جي تقريب دوران فائرنگ، ڳائڻي  ثمينه سنڌو مارجي وئي

*لاڙڪاڻي ويجهو شادي جي تقريب دوران راڳ جي محفل ۾ خوشي وچان  فائرنگ، ڳائڻي  ثمينه سنڌو مارجي وئي………………………

لاڙڪاڻي ويجهو طوهرن جي موقعي تي خوشي ۾ فائرنگ دوران گولي لڳڻ سبب ڳائڻي  ثمينه سنڌو مارجي وئي آهي.

ڳوٺ ڪنگا ۾ رهواسي امتياز جوڻيجو جي پٽن جي طوهرن جي خوشي ۾ راڳ جي محفل رکي وئي هئي،

 جنهن ۾ ڳائڻي  ثمينه سنڌو فن جو مظاهور ڪري رهي هئي ته   خوشي وچان فائرنگ ڪئي وئي، گولي لڳڻ ڪري هوءَ سخت زخمي ٿي پئي

ثمينه سنڌو کي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ پهچايو ويو، جتي هوءَ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، ڳائڻي لاڙڪاڻي شهر جي ايوب ڪالوني جي رهواسڻ هئي.

ٻئي طرف پوليس فائگ ڪندڙ شخص طارق  جتوئي کي گرفتار ڪري ورتو آهي

ايس ايس پي تنوير حسين تنيو ٻڌايو آهي ته جوابدار کي هٿيار سميت گرفتار ڪيو آهي، وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو،  واقعو اتفاقي آهي يا ٽارگيٽ ٻنهي رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chamber

نيوز | چمبڙ: ايس ايس پي پاران مختلف امام بارگاهن جو دورو ڪيو

چمبڙ ۾ عاشوري واري ڏينهن سڪيورٽي جي جائزي لاءِ ايس ايس پي ٽي ٽنڊوالهيار مختلف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے