20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڪراچي: ريڙهي ڳوٺ جي رواسين پاران بااثرن ۽ پوليس خلاف احتجاج

ڪراچي ۾ ريڙهي ڳوٺ واسين پاران بااثر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو فشر فوڪ فورم جي سربراهه محمد علي شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ ريڙهي ڳوٺ واسين مقتول عثمان قاسماڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ ۽ بااثر خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد علي شاهه چيو ته ريڙهي ڳوٺ ۾ بااثرن غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، ڪيس داخل هئڻ باوجود قاتلن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي.

هن چيو ته دائود جت سامونڊي پٽي جو وڏو سمگلر ۽ لينڊ گريبر آهي، هن ۽ سندس ساٿارين سامونڊي پٽي تي رهندڙ مهاڻن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي.

سندس چوڻ هو ته عثمان قتل ڪيس ۾ بااثر ملوث آهن، جن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ سراسر ناانصافي آهي.

هن چتاءُ ڏنو ته جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته هو 30 اپريل تي ريڙهي ڳوٺ کان سي ايم هائوس تائي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻندا

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے