22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڪاري هرڻ شڪار وارو ڪيس: نه سلمان خان گولي هلائي ۽ نه ئي هو ڏوهاري آهي

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ماضي جي اداڪارا سمي گريوال سلمان خان جي ڪاري هرڻ واري شڪار جي ڪيس بابت دعويٰ ڪئي آهي ته اداڪارا ان ڪيس ۾ بي ڏوهي آهي ۽ هو 20 سالن کان ڪنهن کي بچائي رهيو آهي. ڀارتي خابرو اداري موجب جي رپورٽ موجب اداڪارا سمي پنهنجي اڻ تصديق ٿيل ٽوئيٽر اڪائونٽ تان ڪجهه ٽوئيٽ ڪيا آهن جنهن ۾ هن سلمان خان کي بي قصور قرار ڏنو آهي. سمي گريوال پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته هو سلمان خان کي سڄي ريت سڃاڻي ٿي، هن کي جانورن سان پيار آهي ۽ هو ڪڏهن به ائين نٿو ڪري سگهي، البت هو 20 سالن کان اصلي ڏوهاري کي بچائي رهيو آهي ۽ هاڻ ان کي سامهون اچڻ گهرجي. هن دعويٰ ڪئي ته سڀ کان حقيقت اها آهي ته گولي سلمان خان ناهي هلائي، هو خاموش رهڻ جي ڳري قيمت ادا ڪري رهيو آهي جڏهن ته هن ڪو به ڏوهه ناهي ڪيو. ياد رهي ته ناياب ڪاري هرڻ جي شڪار دوران سلمان خان سان گڏ اداڪار سيف علي خان سميت اداڪارا تبو، سونالي باندري ۽ نيلم جيپ ۾ سوار هيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistani movie Cake being considered for Oscars awards nomination

پاڪستاني فلم” ڪيڪ“ آسڪر ايواردد لاءِ نامزد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني فلم ”ڪيڪ“ کي دنيا جي سڀ کان وڏي فلمي ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے