27 جمعہ , اپریل 2018

نيوز: سنڌ پراسيڪيوشن ويلفيئر ايسو سي ايشن جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌرڻو جاري

*سنڌ اسيمبلي جي مکيه دروازي تي ٻئي ڏينهن به سنڌ پراسيڪيوشن ويلفيئر ايسو سي ايشن جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ  احتجاجي ڌرڻو جاري ، مطالبن  جي مڃتا تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان…………

سنڌ اسيمبلي جي مکيه دروازي تي ٻئي ڏينهن به سنڌ پراسيڪيوشن ويلفيئر ايسو سي ايشن جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ  احتجاجي ڌرڻو جاري آهي.

قانون کاتي وڏي وزير کي  بنيادي پگهار ۽ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جي سمري موڪلي ڇڏي.

سمري ۾ ڪرمنل پراسيڪيوشن سروس ونگ  جي چار پراسيڪيوٽر کي  هن سمري ۾ شامل نه ڪيو ويو آھي، جڏهن ته سروس اسٽڪچر ۽ ترقين بابت به وڏي وزير کي موڪليل سمري ۾ ڪو به ذڪر ناهي.

ٻئي پاسي ڌرڻي تي ويٺلن سنڌ پراسيڪيوشن ويلفيئر ايسو سيئيشن  ان سمري کي چوسڻي قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آھي.

هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو تھ سروس اسٽڪچر، صحت ڪارڊ ۽ پگهارن ۾ اضافي جو  نوٽيفڪيشن  جاري ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ مطالبن  جي مڃتا تائين ڌرڻو جاري رهندو…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: ڪراچي ۾ حيدرآباد واسي پاران علاج نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ڪراچي ۾ حيدرآباد واسي پاران علاج نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. پريس ڪلب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے