23 آچر , سيپٽمبر 2018

سينيٽ اجلاس: صدر جي ايمنسٽي اسڪيم آرڊيننس تي رضا رباني جي ڇتي تنقيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ سينيٽر رضا رباني صدر ممنون حسين طرفان جاري آرڊيننس تي اعتراض واريندي چيو ته ان آرڊيننس جي ڪري مون سميت سڄي ايوان جو استحقاق مجروح ٿيو آهي. اڳوڻي سينيٽ چيئرمين اعتراض واريندي چيو ته صدر پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ چار آرڊيننس منظور ڪيا جڏهن ته آرٽيڪل 50 جي تحت پاڪستان جو صدر پارليامان جو حصو آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته صدر پاڻ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس طلب ڪيا آهن، قانون ۾ اڪنامڪ ايڊوائزري ڪونسل جي ڪا به حيثيت ناهي، صدر طرفان جاري ڪيل آرڊيننس غير قانوني آهي. ميان رضا رباني سينيٽ اجلاس ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ فيصلي جي تحت اهڙا قانون جاري نٿا ڪري سگهجن، آرڊيننس جي منظوري ڪابينا ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ ئي ڏئي سگهجي ٿي. هن آرڊيننس جو معاملو استحقاق ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. سينيٽ اجلاس ۾ ايمنسٽي اسڪيم آرڊيننس جي خلاف تقريرن کان پوءِ مخالف ڌر احتجاج طور اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. ايمنسٽي اسڪيم آرڊيننس جي منظوري تي سينيٽر شيري رحمان احتجاج ڪندي چيو ته پارليامينٽ جي حق تي ڌاڙو پيو هنيو وڃي، اسان هتي ٽي اي ڊي اي وٺڻ ناهيون ايندا، هر قانون منظوري جي لاءِ سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان جي لاهور جي رهائشگاهه ٻاهران احتجاج

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) خانگي هائوسنگ سوسائٽي جي مبينا فراڊ سان متاثر ٿيل ماڻهو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے