21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڪوٽڙي: شهري بجلي جي لوڊشيڊنگ کان تنگ ٿي روڊن تي نڪري آيا

ڪوٽڙي ۾ رهواسين پاران  بجلي جي لوڊشينڊنگ خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

انڊس هاءِ وي تي اڳوڻي يوسي ناظم جلال رند، ايڊووڪيٽ حيدر علي ساهڙ ۽ محبوب بلوچ سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ رهواسين مختلف علائقن ۾ بنا جواز بجلي جي بندش ۽ لوڊشيڊنگ خلاف ڌرڻو هنيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي رهواسين چيو ته سڀ ماڻهو بجلي بل ادا ڪن ٿا، ان باوجود بجلي چوري جو جواز ڄاڻائي ڳوٺ جي بجلي بند ڪرڻ سراسر غلط عمل آهي.

هنن الزام هنيو ته ايڪسئن ڄامشورو ،ايس ڊي او ڪوٽڙي عوام دشمن آفيسر آهن، جن گرڊ جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري سڄي شهر 10 کان وڌيڪ ڪلاڪ بجلي بند ڪري اڻ اعلانيل غيرقانوني لوڊشينڊنگ ڪري رهيا آهن.

سندن چوڻ هو ته حيسڪو پاران بجلي لوڊشيڊنگ ختم نه ڪئي وئي ته ايڪسيئن ڄامشورو جي آفيس جو گهيراءُ ڪيو ويندو.

ڌرڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو فريد الدين مصطفيٰ ،اي ايس پي ڪوٽڙي سهائي عزيز ٽالپر رهواسين سان ڳالهيون ڪري بجلي ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ghauspur: Tribute to martyrs of Karbala

نيوز: غوثپور:ڪربلا جي شهيدن کي ڀرپور  ڀيٽا پيش

*غوثپور ۾  به سنڌ جي ٻين شهرن جيان ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے