22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: سنڌ پراسيڪيوٽر ويلفيئر ايسوسيئيشن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

سنڌ پراسيڪيوٽر ويلفيئر ايسوسيئيشن  پاران  پگهارن ۾ واڌ ، مراعتون نھ ملڻ سميت ملازمن جا بنيادي مسئلا  حل نھ ٿيڻ  خلاف احتجاجي ريلي ، جائز مطالبا تسليم نھ ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻي هڻن جو اعلان………

سنڌ پراسيڪيوٽر ويلفيئر ايسوسيئيشن  پاران  پگهارن ۾ واڌ، مراعتون نھ ملڻ سميت ملازمن جا بنيادي مسئلا  حل نھ ٿيڻ  خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

سنڌ پراسيڪيوٽر ويلفيئر ايسوسيئيشن  جي ملازمن هٿن ۾ بينر کڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ کان سنڌ اسيمبلي تائين ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي ملازمن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ درخواست ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل آهي پر اڃان تائين ٻڌڻي نھ ٿي سگهي آهي.

هنن چيو تھ هنن جا بنيادي مسئلا حل نھ ٿا ڪيا وڃن نھ ئي ترقيون ٿي رهيون آهن، جنهن ڪري سخت پريشان آهيون.

ملازمن وڌيڪ چيو تھ  مطالبا تسليم نھ ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻنداسين، جيڪو مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندو………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hyderabad

نيوز | شيخ ڀرڪيو: سماجي براين  ۾ واڌ،ايس ٽي پي اڳواڻن پاران پوليس  ذميوار قرار

شيخ ڀرڪيو ۾ وڌندڙ سماجي براين خلاف ايس ٽي پي اڳواڻن الزام هنيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے