17 جمعو , آگسٽ 2018

نيوز: سکر: ڪامريڊ ڄام ساقي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ  تقريب ڪوٺائي وئي

*سکر  ۾     سنڌ جي   ارڏي پٽ   ڪامريڊ ڄام ساقي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ  ڄاڳرتا فورم پاران تقريب ڪوٺائي وئي، اڳواڻن ڪامريڊ ڄام ساقي کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي کيس  سنڌ جو حلالي پٽ ،سچو  ۽ بھادر اڳواڻ جو لقب ڏنو …………………

سکر  ۾     سنڌ جي   ارڏي پٽ   ڪامريڊ ڄام ساقي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ  ڄاڳرتا فورم پاران تقريب ڪوٺائي وئي.

 تقريب م عدل سومري، ايڊوڪيٽ ھادي بخش بٽ، ڪامريڊ گلشير شر، ڊاڪٽر غلام رسول گھمرو، ارشاد پيرزادو سميت وڏي انگ ۾ اديبن،  دانشورن  ۽ صحافين شرڪت ڪئي.

 تقريب ۾  ڪامريڊ ڄام ساقي کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي کيس  سنڌ جو حلالي پٽ ،سچو  ۽ بھادر اڳواڻ جو لقب ڏنو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تھ ڪامريڊ ڄام ساقي ھميشھ  سنڌ جي ڀلائي،  بھتري ۽  ترقي لاءِ  جدجھد ڪئي.

هنن چيو تھ  سندس ملڪ  ۽  قوم لاءِ  ڪيل جاکوڙ کي تاريخ جي سنھري اکرن م ياد ڪيو ويندو.

هنن وڌيڪ چيو تھ  ڄام ساقي جھڙن ماڻھن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ صدين جو انتظار ڪرڻو پوندو…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

halani: Anti-Hezbollah protest against police against the heirs of the youth

نيوز: هالاڻي: وارثن پاران نوجوان کي گرفتار ڪرڻ تي مراحبپور پوليس خلاف احتجاج

 هالاڻي ۾ وارثن پاران نوجوان کي گرفتار ڪرڻ تي مراحبپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے