22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: گمبٽ: ڳوٺ لڙي جي رهواسڻ  مڙس ۽ ڏيرن جي تشدد خلاف گمبٽ ٿاڻي تي پهتي

*گمبٽ جي ڳوٺ لڙي جي رهواسڻ  مڙس ۽ ڏيرن جي تشدد خلاف گمبٽ ٿاڻي تي پهتي، پوليس ميڊڪل ليٽر جاري ڪري کيس علاج لاءِ گمبٽ اسپتال  منتقل ڪيو……….

گمبٽ جي ڳوٺ لڙي جي رهواسڻ  مڙس ۽ ڏيرن جي تشدد خلاف گمبٽ ٿاڻي تي پهتي، پوليس ميڊڪل ليٽر جاري ڪري کيس علاج لاءِ گمبٽ اسپتال  منتقل ڪيو.

مسمات نسيم خاتون پنهنجي مڙس انور اڄڻ ۽ ڏيرن جي ظلم خلاف گمبٽ ٿاڻي تي پهچي دانهيو تھ مڙس ۽ ڏير روزانو تشدد جو نشانو بڻائيندا هئا، جنهن کان تنگ ٿي ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهتي آهيان.

هن چيو تھ اهڙي واقعي جو اطلاع گمبٽ پوليس کي فون ذريعي ڏنو ۽ پوليس پهچي ڪري اسپتال داخل ڪرايو  ۽ مونکي ميڊيڪل ليٽر به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

متاثر ناري ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ ڊي ايس پي گمبٽ کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ظالم مڙس ۽ ڏيرن خلاف ڪيس داخل ڪري انهن کي سخت سزا ڏني وڃي.

هوڏانهن گمبٽ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ناري تي سخت تشدد ٿيل آهي اسان ميڊيڪل ليٽر جاري ڪيو آهي اڄ ناري کي گمبٽ جي عدالت ۾ پڻ پيش ڪيو ويندو……….

ان موقعي تي  مقتول سجاد لڪ جي ڀاءُ ھادي بخش لڪ ٻڌايو ته ڪيٽي ڪنوري پوليس ۽ بااثر نظير جمالي يوسي سڳيون جو چيئرمين ماڻهو مارايا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ميرپورماٿيلو: عاشور جو ڏهاڙو احترام ۽ عقيدي سان ملهايو ويو

سڄي ملڪ جيان ميرپورماٿيلو ۾ به مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے