23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: سنڌ ڏکي دور مان گذري رهي آهي، 5 سالن ۾ وڏيرن هڪ رپئي جو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو: ڄام عبدالفتاح سميجي

ايس ٽي پي اڳواڻ  ڄام عبدالفتاح سميجي چيو آهي ته سنڌ ڏکي دور مان گذري رهي آهي، 5 سالن ۾ وڏيرن هڪ رپئي جو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو، هنن رڳو پنهنجا پيٽ ڀريا.

جروار ۾ ايس ٽي پي ضلعي گهوٽڪي جي ڪوٺايل ضلعي ڪانگريس ۾ضلعي عهديدار چونڊيا ويا، جنهن بعد ڄام عبدالفتاح سميجي چيو ته  چونڊون ويجهو ايندي ئي مفاد لاءِ وڏيرا اتحاد پيا ٺاهن.

هن چيو ته هاڻي سنڌ جي عوام کي سجاڳ ٿيڻو پوندو، پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ميرن، پيرن ۽ وڏيرن کي ووٽن ۾ شڪست ڏيڻي پوندي .

چونڊيل ضلعي باڊي ۾ صدر زاهد ميراڻي، نائب صدر خالد لاکو، جنرل سيڪريٽري معشوق سميجو ۽ ٻيا شامل آهن.

تقريب کي ايس ٽي پي جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري هوت گاڏھي نئين چونڊجي آيل ضلعي اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے