23 آچر , سيپٽمبر 2018

دهشتگردي عالمي مسئلو آهي، سڀني کي گڏيل ڪوششون وٺڻيون پونديون: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته عالمي سطح تي دهشتگردي جو پکڙجندڙ نيٽ ورڪ هڪ اهڙو خطرو آهي، جنهن کي عالمي برادري جي گڏيل سهڪار سان ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن دهشتگردي جي خاتمي بابت اسلام آباد ۾ ٿيل هڪ عالمي ڪانفرنس جي آخري اجلاس ۾ خطاب دوران ڪيو. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي هاڻ هڪ مقامي مسئلو ناهي رهيو پر اها عالمي چئلينج آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي هڪ گڏيل پليٽ فارم واضح ڪرڻ جي ضرورت آهي. احسن اقبال چيو ته هڪٻئي تي الزام هڻي دهشتگردي ختم نٿي ڪري سگهجي، اسان سڀ گڏجي ئي دهشتگردي کي شڪست ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ تڪرارن جو حل لازمي آهي، ڇو ته اهي خطا وڌيڪ دهشتگردي جو شڪار آهن، جيڪي تڪرارن کي منهن ڏئي رهيا آهن. گهرو وزير چيو ته دهشتگردي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ان جي بنيادي سببن کي سمجهڻ ضروري آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے