21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

ڪنهن به لائسنس رکندڙ چئنل جي بندش غير قانوني آهي: پي بي اي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن لائسنس رکندڙ چئنلن جي بندش تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قانون خلاف ڪنهن به لائسنس رکندڙ چئنل جي بندش غير قانوني آهي. پي بي اي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي بندش اظهار جي آزادي ۽ اطلاعن تائين پهچ لاءِ آئيني حق کان به محروم ڪرڻ جي ڪوشش آهي. پي بي اي مطالبو ڪيو آهي ته پيمرا ۽ حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائن ته ڪو به لائسنس رکندڙ چئنل غير قانوني طريقي سان بند نه ڪيو وڃي ۽ پي بي اي ميمبرن کي نشريات جي قانوني حق کان محروم نه ڪيو وڃي. پي بي اي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اظهار جي آزادي ۽ اطلاعن تائين پهچ جو حق پاڪستان جي آئين تحت هر شهري جي بنيادي حقن جي زمري ۾ اچي ٿو، تنهن ڪري پيمرا ۽ حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته ڪنهن به لائسنس رکندڙ چئنل کي غير قانوني طريقي سان بند نه ڪيو وڃي. پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن اهو به مطالبو ڪيو آهي ته جيڪڏهن پي بي اي جي ڪنهن ميمبر کي نشريات جي قانوني حق کان محروم ڪيو ويو آهي ته ان کي فوري طور بحال ڪيو وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عام چونڊ 2018ع: بلوچستان جي 6 ضلعن ۾ انٽرنيٽ سروس معطل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عام چونڊ 2018ع جي سلسلي ۾ بلوچستان جي 6 ضلعن ۾ انٽرنيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے