23 ڇنڇر , جون 2018

وارَن جا مسئلا ۽ انهن جو حل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏا ۽ مضبوط وارَ هر ڪنهن جي خواهش هوندي آهي ۽ نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون پنهنجي وارَن جي حفاظت لاءِ مختلف ٽوٽڪا استعمال ڪنديون آهن پر اڄڪلهه وارَن جو ڇڻڻ سنگين مسئلو بڻجندو پيو وڃي. بازارن ۾ ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ مختلف تيل، جيلز ۽ دوائون موجود آهن پر اهي فائدو ڏيڻ سان گڏوگڏ نقصان به ڏين ٿيون. ڪيميڪل وارا پراڊڪٽ مستقل طور استعمال ڪرڻ سان خشڪي ۽ الرجي سميت ٻيا مسئلا پيدا ٿي ويندا آهن ۽ ماڻهو وڌيڪ پريشان ٿي ويندو آهي.

وارَن جا مسئلا مٿي جي جلد ۾ ٿيندڙ تبديلي جو سبب به ٿي سگهن ٿا، جڏهن توهان جي مٿي جي جلد خشڪ ٿيندي آهي ته وارَ به ڪمزور ٿي ڇڻڻ شروع ٿي ويندا آهن، ان کان بچڻ لاءِ اسان توهان کي ڪجهه گهريلو ٽوٽڪا ٻڌائي رهيا آهيون.

  1. وارَن جي خشڪي ختم ڪرڻ ۽ انهن کي ڇڻڻ کان بچائڻ لاءِ وهنجڻ کان اڳ سرنهن جي تيل سان مالش ڪيو يا رات جي وقت سمجهڻ کان اڳ وارَن کي تيل هڻو.
  2. ٿڌي پاڻي سان مٿو ڌوئي 5 کان 10 منٽن تائين آڱرين جي مدد سان وارَن جو مساج ڪيو، اهو گنجو ٿيڻ کان بچڻ جو بهترين حل آهي.
  3. وارَن جي خشڪي ختم ڪرڻ لاءِ هفتي ۾ هڪ ڀيرو بيضو وارَن ۾ لڳايو ۽ 30 منٽن جي وقفي کانپوءِ شيمپو سان مٿو ڌوئي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جُلد تان ڪارا چُٽا ختم ڪرڻ جو طريقيڪار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جلد تان ڪارا چُٽا ختم ڪرڻ جو طريقيڪار ڪجهه هن ريت آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے