23 آچر , سيپٽمبر 2018

رپورٽ : جهڏو: 50 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ، زندگي مفلوج، احتجاج…!

جهڏي ۽ ڀرپاسي جي 50 ڳوٺن ۾بجلي لوڊشيڊنگ ماڻهن جي زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي آهي.

بجلي بندش سبب ڪاروبار تباهه ٿيڻ سان گڏ رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.

ڳوٺ فتح خان پتافي، ڳوٺ ڪيوڙو پتافي، ڳوٺ ولي محمد کوسو، ڳوٺ گهنور پتافي، ڳوٺ مولا بخش رند سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ 20 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي.

بجلي بندش خلاف رهواسين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري حيسڪو عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن دانهيو ته ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب هو سخت پريشان آهن، بجلي بندش سندن زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي..

رهواسين جو چوڻ هو ته ڊگهي لوڊشيڊنگ باوجود ڳرا بل موڪلي کين پريشان ڪيو پيو وڃي، شڪايتن باوجود حيسڪو عملدار سندن مسئلو حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته حيسڪو جي ناانصافين جو نوٽيس وٺي کين پريشانين کان بچايو وڃي……

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے