20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز : مٺي: آل بجير اتحاد  جي سڏ تي بجير ڪالوني بلڊوز  ڪرڻ خلاف شٽر بند هڙتال

مٺي ۾ آل بجير اتحاد  جي سڏ تي بجير ڪالوني بلڊوز  ڪري  سفاري پارڪ ٺاهڻ خلاف مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

بجير اتحاد جي حمايت ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پي ٽي آءِ ،  پ پ پ ،  عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ،  ارباب گروپ،  جماعت اسلامي ۽ ٻين پارٽين  جي ڪارڪنن  الهڏنو بجير،  حاجي ڦو ٽو بجير،  مولوي عطاءُ محمد بجير ۽ بين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي ريلي ڪڍي  ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، جيڪو ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهيو.

ان موقعي تي  اڳواڻن  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ   مٺي ۾ بجير ڪالوني کي بلڊوز ڪري مقامي ايم پي اي مهيش ملاڻي تعصب پرستي  جو مظاهرو   ڪيو آھي،  جنهن سبب ڪيترائي خاندان بي گهر ٿيا آھن.

 هنن چتاءُ ڏنو ته بجير ڪالوني تي پارڪ اڏڻ جو منصوبو ختم ڪري ايم پي اي جي ڪيل قبضن  خلاف ڪارروائي نھ ڪئي وئي تھ  سخت احتجاج ڪيو ويندو…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے