19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز : مٺي: ٿر ۾معصوم ٻارڙن تان موت جو راڪاس نھ  ٽريو، وڌيڪ ٽن امڙين جون جهوليون خالي

ٿر ۾معصوم ٻارڙن تان موت جو راڪاس نھ ٽريو، خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن.

سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين سبب 3 معصوم ٻارڙا فوت  ٿي ويا آهن.

فوتي ٻارن ۾ 5 سالن جو پرتاب، هڪ سال جو هوتو ميگهواڙ ۽ رياض جو تازو ڄاول ٻارڙو شامل آهي.

ٻڌايو پيو وڃي ته ھلندڙ مھيني فوتي ٻارن جو تعداد 35 ٿي ويو آهي.

ٿر جي اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ برقرار آهي ۽ ڏڪاري حالتون پيدا ٿيڻ سميت پاڻي جو بحران پڻ شدت اختيارڪري ويو آهي.

سنڌ سرڪار جي اعلانيل مفت ڪڻڪ جي ورهاست پڻ نه ٿي سگهي آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے