18 اربع , جولاءِ 2018

نيوز : سنڌ جي وڏي وزير سان آمريڪا جي  سينئير بيورو آفيسر ايلس ويلس جي ملاقات

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان آمريڪا جي  سينئير بيورو آفيسر ايلس ويلس جي ملاقات، ڪراچي جي ترقياتي ڪمن ، يو ايس ايڊ جي منصوبن ۽ ٻين مسئلن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات ۾ آمريڪا جي موجوده قونصل جنرل جان وارنر، ڊپٽي قونصل جنرل رابنسن، منصوبابندي ۽ ترقي  جي چيئرمين محمد وسيم ۽ وڏي وزير جو پرسنل سيڪريٽري سهيل راجپوت شريڪ ٿيا.

ملاقات ۾ ڪراچي ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ، يي ايس ايڊ جي منصوبن ۽ ٻين اهم مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات ۾ جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي  شاهه ڳالهائيندي چيو تھ اسان جي حڪومت تعليم، صحت، پاڻي جي صاف فراهمي، عورتن کي با اختيار بڻائڻ ۽ غربت جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.

هن چيو تھ اسان جي سياسي قوت هئي جو دهشتگردن کي ڪراچي مان ختم ڪيو، اسان شهر کي امن ۽ ڀائيچاري جو ظامن بڻايو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khanpur Mehr: Protest against the attack against Somra Briari against the holy book

رات ڏهين وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-07-18

*آرمي چيف پنهنجي ماڻهن کي روڪي جيڪي مرضي موجب بينچ جوڙائيندا آهن: جسٽس شوڪت *اليڪشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے