24 سومر , سيپٽمبر 2018

سکر: اروڙ جي رھواسي شيخ برادري جو ٽرڪ مالڪ خلاف احتجاج

*سکر ۾  اروڙ جي رھواسي شيخ برادري جي عورتن ٻارن  ۽ مردن ٽرڪ مالڪ خلاف احتجاج ڪيو .

هنن ٻڌايو ته نوجوان حسن شيخ بشير سروھي جي ٽرڪ تي ڊرائيور  ۽  نوجوان معشوق شيخ ڪيلينڊري ڪندو ھو.

هنن ٻڌايو ته ڇهه ورهيه اڳ ڪلينڊر معشوق شيخ ٽرڪ هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو پوليس ٽڪر تحويل ۾ ورتي ۽ حسن شيخ کي جيل موڪليو ويو .

 هنن ٻڌايو ته هاڻي ٽرڪ جو مالڪ بشير سروهي پنهنجي ٽرڪ ته ڇڏائي آيو آهي پر ڊرائيور حسن شيخ جيل ڀوڳي رهيو آهي ٽرڪ مالڪ سندس جيل مان آزادي لاءِ ڪو به سهڪار نه ڪري رهيو آهي.

 هنن چيو ته هو مسڪين آهن هنن وٽ ته ايتري رقم به ناهي جو نوجوان جي ضمانت ڪرائي سگهن ، هنن مطالبو ڪيو ته سندن نوجوان کي آزاد ڪرايو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے