19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز : حيدرآباد : ڄامشورو جي رھواسين جو ٽن ڄڻن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

ڄامشورو جي رھواسين پوليس پاران گهرن تي بنا جواز  چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف حيدرآباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مسمات جنت، آصف، سڪندر علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.

 ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا آڏو داهيندي چيو تھ گذريل رات پوليس سندن گھرن تي چڙھائي ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٽن شاگردن صدام حسين، فاروق اعظم ۽ عمر فاروق کي کنڀي کڻي وئي.

هنن چيو  تھ  اڃا تائين ٽنهي ڄڻن جي گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي، مٿن ڪو ڪيس داخل آهي تھ  کين گرفتاري ظاهر ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي.

هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ   معاملي جو نوٽيس وٺي سندن نوجوانن جي گرفتاري ظاهر ڪري انصاف ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز |  ڀٽ شاهه ۾ 8 محرم جي حوالي سان ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

ڀٽ شاهه ۾ 8 محرم جي حوالي سان ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے