18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

چوڌري نثار مسلم ليگ ن ۾ اسٽيبلشمنٽ جي نمائندي طور رهيو: جاويد هاشمي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيئر سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته اڳوڻي وفاقي گهرو وزير جي بوکلاهٽ ان جي نه هلڻ جو ثبوت آهي ۽ نواز شريف جي صاحبزادي مريم نواز تي تنقيد جو مقصد اسٽيبلشمنٽ کي خوش ڪرڻ آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد هاشمي چيو ته چوڌري نثار سياسي ويزن هميشه اسٽيبلشمنٽ جي ڪنڌ ۾ وڌو ڇو ته هو پارٽي ۾ اسٽيبلشمنٽ جي نمائندي طور ڪم ڪري رهيو هو جڏهن ته اسان جهڙن ڪارڪنن کي قيادت کان پري رکڻ ۾ چوڌري نثار جو ڪردار رهيو. هن چيو ته مريم بي بي بند گهٽي پهتي ته پارٽي کي ميدان ۾ آڻي بيهاريو ۽ ان تي تنقيد جو مقصد به اسٽيبلشمنٽ کي خوش ڪرڻ آهي. اليڪشن ۾ هڪ ڏينهن جي دير به ٿي ته اها خواب بڻجي ويندي پر هتي اليڪشن نه پر سليڪشن جي ايجنڊِ تي به ڪم ٿي رهيو آهي جڏهن ته جوڊيشل مارشل لا جي ڳالهه هڪ خاص مائنڊ سيٽ جو حصو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٻارن جي اغوا بابت خبرن جي سچائي ناهي: ايڊيشنل آءِ جي امير شيخ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايڊيشنل آءِ جي امير شيخ چيو آهي ته ٻارن جي اغوا جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے