24 سومر , سيپٽمبر 2018

چيف جسٽس 90 ڏينهن جي لاءِ جوڊيشل مارشل لا لڳائي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته سپريم ڪورٽ مان نگران حڪومت بڻائڻ بابت به سڀني کي اميد آهي. سمورا حڪم پورا ڪرڻ لاءِ چيف جسٽس صاحب 90 ڏينهن جي مارشل لا لڳائي ڇڏي. ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته نگران وزير اعظم ۽ حڪومتون ماڻهن جي معيار موجب هئڻ گهرجن. صدر کي به انهيءَ سال ريٽائر ٿيڻو آهي. جنهن نگران وزير اعظم تي عمران خان جو آشيرواد نه هوندو اهو قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته نواز شريف پاڻ چيو ته هن کان سواءِ ٻيو ڪير به ملڪ نٿو هلائي سگهي. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته هن چيو وزير اعظم شاهد خاقان عباسي آمريڪي نائب صدر سان اڪيلو مليو حالانڪ ظفر الله جمالي رمسفيلڊ سان اڪيلو مليو ته کيس فارغ ڪيو ويو. شيخ رشيد چيو ته صدر جو مدرو پورو ٿيڻ تي سينيت چيئرمين سنجراڻي صدر هوندو، موجوده اسيمبلي کان وڌيڪ ڏک ان ڳالهه جو آهي ته هو نئون صدر آڻڻ چاهن ٿا. هن چيو ته سپريم ڪورٽ مان نگران حڪومت بڻائڻ بابت به سڀني کي اميد آهي. سمورا حڪم پورا ڪرڻ جي لاءِ چيف جسٽس صاحب 90 ڏينهن جي جوڊيشل مارشل لا لڳائي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Fake Bank Account Cases: I submitted an earlier pre-report report

جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس: جي آءِ ٽي پهرين اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس جي ٻڌڻي دوران گڏيل جاچ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے