25 بدھ , اپریل 2018

عمران خان کي جوتن کان بچائڻ لاءِ حڪمت عملي تيار

گجرانوالا(ويب ڊيسڪ) عمران خان جي دوري دوران تحريڪ انصاف پارٽي چيئرمين کي جوتن کان بچائڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي. گجرانوالا جي دوري دوران تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پارٽي چيئرمين عمران خان کي جوتن کان بچائڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي، پي ٽي آءِ يوٿ ” بيٽ“ فورس تيار ڪري ورتي آهي ۽ جوتا اڇلڻ جي ڪوشش ڪندڙ کي بيٽ سان مار کائڻي پوندي. گجرانوالا ۾ رانديگرن ڳاڙهي ۽ سائي بيٽ کڻي عمران خان کي سيڪيورٽي ڏيڻ جو اعلان ڪيو، پي ٽي آءِ يوٿ جا بيٽ بردار ڪارڪن عمران خان جي چئوپاسي پکڙجي ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جلد پاڪستان موٽڻ چاهيان ٿو پر ڊاڪٽر اجازت نه پيا ڏين: اسحاق ڊار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته جلد کان جلد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے