22 آچر , جولاءِ 2018

حسين حقاني جي خلاف ملڪي سالميت کي نقصان رسائڻ  جو ڪيس داخل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سفير حسين حقاني جي خلاف ملڪي سالميت کي نقصان رسائڻ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سفير حسين حقاني جي خلاف ايم اي جناح روڊ ڀرسان پريڊي ٿاڻي ۾ مولوي اقبال حيدر ايڊووڪيٽ جي درخواست تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي سائوٿ سرفراز موجب ڪيس ۾ حسين حقاني تي ٽي وي شو تي ويهي پاڪستان جي سالميت جي خلاف ڳالهيون ڪرڻ جو الزام آهي. هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ به سپريم ڪورٽ ميمو گيٽ ڪيس ۾ حسين حقاني جي خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن کان اڳ ڌانڌلي: سيوهڻ ۾ پوسٽل بيلٽ جي ذريعي ٺپا مافيا سرگرم، هڪ ڄڻو گرفتار

سيوهڻ(ويب ڊيسڪ) چونڊ 2018 کان اڳ وڏي ڌانڌلي جي خبر اچي وئي آهي، سيوهڻ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے