25 بدھ , اپریل 2018

افغان تڪرار سان پاڪستان کان وڌيڪ ٻيو ملڪ متاثر نه ٿيو: تهمينه جنجوعا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعا چيو آهي ته افغانستان جنگي معاشيات جو حصو بڻجي چڪو آهي جنهن هٿيار، منشيات ۽ دهشتگردي ڏني. اسلام آباد ۾ پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته وچ ايشيا پاڪستان جي موقعا رکي ٿو،  پر عالمي گروپن، عنصرن ۽ شدت پسندن جي سامهون ايندڙ وقت فڪر جوڳو آهي، افغان تڪرار سان پاڪستان کان وڌيڪ ٻيا ملڪ متاثر ناهن ٿيا، پرامن ۽ مضبوط افغانستان پاڪستان جي مفاد ۾ آهي ۽ افغانستان ۾ وڌيڪ جنگ جي خواهش نٿا رکون، امن جي لاءِ افغان صدر جي تازي بيان کي ڀليڪار چئون ٿا ۽ سهڪار به ڪنداسين، افغان جنگي معاشيات جو حصو بڻجي چڪو آهي جنهن هٿيار، منشيات ۽ دهشتگردي ڏني. هن والاريل ڪشمير بابت چيو ته ڪشمير مسئلي جي ڪري ڏکڻ ايشيا ۾ ترقي بيهي وئي آهي، ڪشمير مسئلو جلد منصفاڻي، عوامي امنگن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي موجب حل سان ترقي يقيني ٿيندي، اميد آهي ته ڀارت جلد ڪشمير مسئلي جي پرامن حل ڏانهن ويندو ۽ سهڪار کي يقيني بڻائڻ لاءِ سجنيده قدم کڻندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سرڪاري دوري تي روس پهچي ويو

راولنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سرڪاري دوري تي روس پهچي ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے