22 آچر , جولاءِ 2018

پاڻي مسئلي تي سنڌ جو اصولي موقف ۽ وفاق جي هوڏ

اخباري اطلاع آهن ته سنڌ حڪومت  سي سي آءِ جي ايندڙ اجلاس ۾ (جنهن ۾ ”قومي واٽر پاليسيءَ“ جوڙڻ لاءِ وفاق جا سمورا ادارا شرڪت ڪندا) سنڌ جو ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، اهي به اطلاع آهن ته سنڌ حڪومت سي سي آءِ جي ايندڙ اجلاس کان اڳ ئي ”وفاق“ تي اهو واضع ڪري ڇڏيو آهي ته ”سنڌو درياءَ تي ڪوبه ڊيم قبول نه ڪيو ويندو“.

پاڻي مسئلو ملڪ جي اهڙن مسئلن مان هڪ آهي جيڪو وڏي عرصي بعد به جيئن جو تيئن آهي، جڏهن ته پاڻي مسئلي تي ”وفاق“ ۽ ”صوبن“ خاص ڪري، ”وفاق“ ۽ ”سنڌ“ وچ ۾ ٿيل ڪيئي معاهدن بعد به پاڻي مسئلو نبيري جو نالو ئي نه ٿو وٺي.

اها ڳالهه بلڪل سمجهه ۾ اچڻ جهڙي نه آهي ته، ”ڪيترن معاهدن“ بعد به جن تي سنڌ عمل لاءِ تيار آهي ۽ هميشه اها ئي گهر ڪندي رهي آهي ته ”پاڻي مسئلي“ تي ٿيل معاهدن خاص ڪري ”1991ع  جي پاڻي معاهدي“ تي عمل ڪيو وڃي، پر خبر ناهي ”وفاق“ آڏو اهڙو ڪهڙو مسئلو ايندو رهي ٿو جو هر دفعي ٿيل ”معاهدن“ تي عمل بجاءِ نوان معاهدا ڪرڻ تي بضد رهي ٿو ۽ ڪيئي نون نالن، تمثيلن ۽ اٽڪلن سان ”ڪالا باغ ڊيم“ ٺاهڻ جو مطالبو ڪندو رهي ٿو.

وڏي وزير هڪ خط لکي وزير اعظم شاهد خاقان عباسيءَ کي ڪجهه تجويزون ۽ مطالبا پيش ڪيا آهن تجويزن ۾ هڪ اهم تجويز هيءَ آهي .

– هڪ نيشنل واٽر ڪائونسل (اين ڊبليو سي) قائم ڪئي وڃي جنهن جو  ڪم ”نيشنل واٽر پاليسيءَ“ تي عملدرآمد، معيشت ۽  پاڻيءَ جي ذخيرن جي ترقي، قانونسازي، پاليسي جوڙڻ ۽ ملڪ اندر مئنيجمنٽ جي حوالي سان سفارشون، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي سطح تي سرگرمين جي حوالي سان لاڳاپيل ادارن وچ ۾ رابطا ۽ سرگرميون بحال رکڻ ۽ نيشنل پلاننگ ڪرڻ جيئن پاڻي پاليسي جي مقصدن کي حاصل ڪري سگهجي،

جيڪي مطالبا رکيا ويا آهن، اهي هن طرح آهن:

–  1991ع واري پاڻيءَ معاهدي تي عمل ڪيو وڃي ۽ ان جي پيرا نمبر 2 جو دفاع ڪيو وڃي،

–  سنڌ ۽ بلوچستان اڳ ئي بدترين کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن نون ڊيمن جي تعمير سان ٻئي صوبا پاڻي جي وڏي کوٽ کي منهن ڏيندا.

–  سمورن صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست سيڪڙي جي بنياد تي ڪئي وڃي. –  وڏي ٻوڏ جي صورت ۾ وفاقي امداد ڪئي وڃي. – وزيراعظم هڪ پاليسي جوڙي جنهن تحت نوان ڊيم بنا اتفاق راءِ خاص طور تي پڇڙي سان لاڳاپيل ماڻهن جي اجازت بنا تعمير نه ڪيا وڃن. – درياهه جي پاڻيءَ تي پڇڙي وارن جي حق واري عالمي اصول کي تسليم ڪيو وڃي. – پاڻيءَ جي هلندڙ وهڪري کي ڪنهن به ريت موڙڻ يا مداخلت تيستائين نه ڪئي وڃي، جيستائين سمورا وفاقي يونٽ خاص طور پڇڙي ۾ آباد ماڻهن جو اتفاق راءِ نه ٿئي.

سي سي آءِ جي گذريل اجلاس ۾ به جڏهن پاڻي مسئلي تي بحث ٿيا هُئا تڏهن به سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽريءَ سنڌ جي تڪليفن جو اظهار ڪندي چيو هو .

– 2004ع کان سنڌ کي پاڻي، 1991ع واري ٺاهه موجب نٿو ملي. – 2004ع  وارو ٽه رُخي فارمولا فقط هڪ سال لاءِ هو پر ارسا ۽ پاڻي واري وفاقي وزارت هن وقت تائين اُن کي لاڳو رکيو آھي ڇاڪاڻ ته اُھو پنجاب جي فائدي ۾ آھي ۽ سنڌ کي نقصان ڏئي رهيو آهي

– سنڌ کي 2004ع کان ٿيندڙ ٽه رخي فارمولا موجب گذريل 14 – سالن کان 25 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گهٽ مليو آهي. – 1991ع وارو پاڻي ٺاھ ھڪ مڃيل دستاويز آھي ان تي عمل ڪيو وڃي

– سنڌ جي آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري جمال مصطفيٰ سيد اجلاس ۾ اها ڳالهه به چٽي رکي ته منٽس آف ميٽنگس ۾ سنڌ جا اعتراض به شامل نه ٿا ڪيا وڃن ته پوءِ اسان جي ڳالهائڻ مان فائدو ڪهڙو آهي….؟

هيءَ آهي مجموعي صورتحال جيڪا سي سي آءِ جي گذريل اجلاسن دوران سامهون آئي آهي، اطلاع موجب سي سي آءِ ”نيشنل واٽر پاليسيءَ “ جي  تجويز ڪيل سفارشن ۾ نه ته سنڌ جي پيش ڪيل تجويزن تي ڪا موٽ ڏني آهي ۽ نه ئي سنڌ جي مطالبن کي ڪا مڃتا ڏني آهي،

مٿي پيش ڪيل صورتحال انتهائي ڳنڀير ۽ توجهه طلب آهي، هاڻي ته نه صرف سنڌي عوام پر سنڌ جا حڪمران حلقا به اها ڳالهه سوچڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ته ”وفاق“سنڌ جي تجويزن، مسئلن ۽ مطالبن تي آخر ڪار توجهه ڇو نه ٿو ڏئي؟ اهڙي حالت ۾ آخر ڪار ”سنڌ“ جي ”وفاق“ ۾ حيثيت ڪهڙي آهي ۽ ”وفاق“  وٽ اهڙن فيصلن ڪرڻ جو آخرڪار ”اختيار“ ڪهڙو آهي جيڪي فقط ۽ فقط سنڌ جي خلاف ئي ٿين ٿا.

پاڻي زندگي آهي، ترقي آهي ۽ خوشحالي آهي، اسين اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته گذريل 70 سالن کان سنڌ سان نه صرف پاڻيءَ جي معاملي پر ٻين انيڪ مسئلن تي پڻ دينا داستي دوکا ٿيا آهن جن جي ڪا پڄاڻي نظر نه ٿي اچي.

اسان هن فورم تي سمورين وفاقي اختيارين کي اها گذارش ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهو ٿا ته ”پاڪستان“ هڪ ”وفاقي“ ملڪ آهي، ”وفاق“ ۾ شامل جيڪڏهن ڪنهن به هڪ”ايڪي“ سان زيادتي ٿيندي ته ان مان نقصان صرف ۽ صرف ”وفاق“ کي ٿيندو، جيڪا ڳالهه ناانصافي ڪرڻ وقت وفاقي ادارا ۽ اختياريون سمجهڻ کان بلڪل لاچار آهن.

اربع 21 مارچ  2018ع، 3 رجب المرجب 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

هيڏا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾

جنهن ڪيفيت نصرپور جي هندو نينگر ڪمار کي مايوسي ۽ نراسائي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے