26 جمعرات , اپریل 2018

عامر لياقت ۽ عمران خان

رياض سهيل

پاڪستان جي اڳوڻي مملڪتي وزير ۽ اينڪر پرسن عامر لياقت حسين پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ باضابطا شموليت اختيار ڪري ورتي آهي. جنهن جو اعلان سومر ڏينهن تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪندي هن چيو ته سندس آخري ٿاڪ ”پي ٽي آءِ“ ئي هو. ان خبر سينيٽ چونڊن کان پوءِ اڳ ئي دٻاءَ جو شڪار پي ٽي آءِ کي نه رڳو ٻاهران پر اندروني طور به وڌيڪ دٻاءَ جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي.

سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ جا ڪيئي ڪارڪن علي الاعلان ان فيصلي خلاف نه رڳو پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيا آهن پر ڪجهه ته پارٽي سان پنهنجو تعلق ختم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آهي.وڏي تعداد ۾ ماڻهن عامر لياقت جي ٻه هفتا اڳ واري شو جي وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هو عمران خان جي ذاتي ۽ سياسي زندگيءَ تي شديد تنقيد ڪري رهيو هو.

جيئن هڪ صارف جاويد پڇيو ”هي عامر لياقت آهي پنهنجي ٽاڪ شو ۾ صرف هڪ هفتو اڳ هي عمران خان جي ذاتي ۽ سياسي زندگيءَ تي ڪيئن پيو حملا ڪري ۽ پوءِ هن فيصلو ڪيو ته اوهان هن کي پنهنجي سياسي جماعت ۾ شامل ڪرڻ چاهيندا؟. مان ڄاڻان ٿو ته اسان پي ٽي آءِ جا حمايتي آهيون پر اسان حمايتي ناهيون ۽ اهو تسليم نه ڪنداسين، علي قزلباش لکيو، عامر لياقت مبارڪ هجئي، منهنجو پي ٽي آءِ سان سفر هتي ختم ٿيو. صبغت منور لکيو: عامر لياقت پي ٽي آءِ جو حصو بڻجي چڪو آهي پر مان اڄ کان پي ٽي آءِ جو حصو ناهيان. اميد آهي ته هو هڪ ڏينهن اڌ ۾ ڇڏي هليو ويندو ۽ سڀني تي الزام هڻندو.

گهڻن ته ان فيصلي جي سبب تي به تبصرو ڪيو، جن ۾ علي عباس زيدي به شامل هو، جنهن لکيو ته پي ٽي آءِ جي غلطي آهي، جي اها سمجهي ٿي ته عامر لياقت جا ڪي مداح آهن يا ان جو ڪراچيءَ ۾ ڪو ووٽ بينڪ آهي، هر ڪو هن کي ان ئي نسبت سان سڃاڻي، جيڪي ڪجهه هو آهي، بحيثيت هڪ انٽرٽينز جي سياسي جماعتون هميشه ڪراچيءَ جي نبض سمجهڻ ۽ ان جي سياسي انتظام کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪنديون آيون آهن. پ پ ناڪام ٿي، جماعت اسلام ناڪام ٿي، پي ٽي آءِ ناڪام ٿي ۽ پاڪ سرزمين پارٽي به ناڪام ٿي وئي.

سعيد سوال ڪيو ته عامر لياقت کي ان ڪري پارٽيءَ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي جو هو نواز شريف خلاف سٺو ڳالهائي وٺندو آهي، ان کان علاوه ته مون کي هن جي ڪا قابليت نظر نه ٿي اچي.

عمران خان جي اڳوڻي گهرواري ريحام خان لکيو: ڇا عامر لياقت هاڻي منهنجو 2015ع ۾ ڪيل انٽرويو نشر ڪندو؟ بليڪ ميل ڪري پي ٽي آءِ ۾ رستو ٺاهڻ وارو.

مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف کان جڏهن ان بابت سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته ”الحمد الله هو ن ليگ ۾ شامل نه ٿيو، هن ڪجهه سال اڳ شموليت جي ڪوشش ڪئي هئي، ان حوالي سان گهرو وزير احسن اقبال لکيو: رڪارڊ لاءِ مان ان ملاقات ۾ موجود هئس، جڏهن عامر لياقت ڪراچيءَ ۾ نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ هن کان سرعام ملاقات جو وقت گهريو هو ۽ چيو هو ته نواز شريف هڪ حقيقي اڳواڻ آهي ۽ پاڪستان جي واحد اميد آهي.

پر پي ٽي آءِ جا اهڙا حامي به آهن، جو ان اعلان کي مثبت رنگ ۾ پارٽي جي مستقبل خاطر قبول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ڪجهه اهڙا به آهن جيئن سيد ارشاد علي شاهه لکيو ته : عامر لياقت جهڙا ماڻهو ايندا ويندا رهندا آهن، مون کي ڪا پرواهه ناهي، منهنجو عشق جڏهن عمران خان آهي ته پوءِ مان ڇو پي ٽي آءِ ڇڏيان.

پهرين ڏانئڻ جي نالي سان ٽوئيٽ ڪندڙ هڪ اڪائونٽ ان کي وري مختلف انداز سان ڏٺو ۽ لکيو ته عامر لياقت کي قبول ڪرڻ ايئن آهي جيئن ڪريلا يا ڪا ڪڙي شيءِ کائڻ. مشهور اينڪر عاصمه شيرازي ٽي وي تي هلندڙ هڪ اشتهار ان خبر سان منسوب ڪندي لکيو: سچ هي آهي ته هر داغ پٺيان هڪ ڪهاڻي هوندي آهي پر داغ ته سٺا ٿيندا آهن.

عامر لياقت حسين جو والد شيخ لياقت حسين ۽ والده بيگم محموده مسلم ليگ (ن) ۾ شامل رهيا. 1990ع واري ڏهاڪي ۾ هنن متحده قومي موومينٽ ۾ شموليت اختيار ڪئي. جنهن دوران هو قومي اسيمبليءَ جي ميمبر سان گڏوگڏ ڊپٽي ڪنوينر جي عهدي تي به رهيو، جڏهن ته عمر جي آخري حصي تائين ايم ڪيو ايم جي ذيلي اداري خدمت خلق فائونڊيشن جي نگراني ڪندو رهيو.

عامر لياقت والد جي ڪوٽا تي سياست ۾ قدم رکيو، 2002ع جي چونڊ ۾ هن ايم ڪيو ايم جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ کيس شوڪت عزيز جي حڪومتي دور ۾ مذهبي معاملن جو مملڪتي وزير بڻايو ويو. جهاد ۽ خودڪش حملن جي حوالي سان هن جي تڪراري بيانن جي ڪري ڪجهه مذهبي حلقا مٿس ناراض هئا. 2005ع ۾ جامعيه بنوريا جي هڪ استاد جي موت تي تعزيت لاءِ هو پهتو ته کيس طالبن يرغمال بڻائي ڇڏيو. جولاءِ 2007ع ۾ عامر لياقت حسين قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ ايندڙ سال ئي يعني 2008ع ۾ ايم ڪيو ايم عامر لياقت کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو، عامر لياقت جي تحريڪ انصاف ۾ شموليت جون خبرون 2017ع ۾ سامهون آيون، هن جي پنهنجي ٽوئيٽس باوجود اعلان سامهون نه آيو هو، آخرڪار سومر تي هن پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه جهوني جوڳيءَ مواليءَ کي دڙڪا ڏيندي چيو ته ”هن وقت ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے