22 آچر , جولاءِ 2018

اها ايف آءِ آر ڪنهن تي داخل ٿيندي؟!

محمد خان دائود

”ڀڙڪي،ٽڙڪي،ڪڙڪي من تي ڪائي وڄ مٿان

لڙڪي لام،ڇڳو آ کيرو،پنڇيءَ حيرت مان،

اڄ اياز جا اهي مٿان لفظ ڪيڏا با معنيٰ ٿي پيا آهن جڏهن  هر روز سنڌ ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ ڏهه کان پندرنهن معصوم ٻارڙا مائرن جا ڪوسا ڀاڪر ڇڏي دفن ٿيندا هجن.۽ مائرون سواءِ ماتم جي،نير وهائڻ، عذاب مان گذري ،وري روز مره جي ڪمن ۾ جنبي وڃن.

۽ ٻارڙا آهن جيڪي روز ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ دفن ٿي رهيا آهن.پهرين ته بس ٿر جي صحرا جا ٻار مرندا هُئا.انهن ٻارن جو ته الميو اهو هو ته انهن جي مائرن ۽ انهن ٻارن جي خوراڪ مناسب نه هُئي جنهن جي ڪري ٿري ٻار اک کولي اک پوري ڇڏيندا هُئا انهن جا سرد گرم وجود ٿر جي صحرا ۾ نئين قبر جي اضافي جو سبب ٿيندا هُئا.اُهي هزارين قبرون اڄ به ٿر جي واريءَ واري سيني تي موجود آهن.جنهن معصومن جو ائين مرندو ڏسي تڏهوڪي وڏي وزير اهو بيان ڏنو هو ته

“ٿر جو مائرون گهڻا ٻار پيدا ڪن ٿيون ان لاءِ اهي ٻار تڪڙو مري رهيا آهن!“

جنهن بيان تي سنڌ جي ساڃاهه وندن احتجاج به ڪيو هو ته اهو ته ڪو به دارون ناهي جنهن سان انهن مائرن جا گهر ۽ پينگها خالي نه ٿين ۽ ٿر جي صحرا ۾ نيون قبرون نه ٺهن پر سنڌ سرڪار انهن معصوم ٻارن جي اهڙي ڀيانڪ موت تي اهڙا بيان ڏئي پنهنجو پاند ته آجو ڪري وئي پر انهن معصوم ٻارن جو ائين مرڻ اڃان به ٿر تان ناهي ٽريو.اڄ به ٿر جي صحرا ۾ اگر پندرنهن نه تڏهن به پنج ٻار روز مري رهيا آهن انهن جي مرڻ جون خبرون ڪي رپورٽ ٿين ٿيون ڪي نٿيون ٿين.پر اسان ائين نه سمجهون ته ڪو ٿر جي ٻارن تان موت ٽري ويو آهي.

اڃان ته ٿر جي صحرا جو درد پنهنجي جاءِ تي موجود هو ته وري سنڌ جي سيني تي هڪ نئين درد جنم ورتو آهي ٿر جي صحرا ۾ به مائرون عذاب ۾ هيون .مائرن جا نيڻ نير وهائي رهيا هُئا. مائرن کي دلاسي جي ضرورت هُئي.مائرن جو ڪوسيون ڪکون ٿڌيون ٿي رهيون هيون.يادن جا عذاب به مائرن جي نصيب ۾ هُئا.اهڙو ئي درد هن وقت سموري سنڌ جو نوحو بنجي سامهون آيو آهي. جنهن ۾ ٿر ڇا.لاڙ ڇا.ڪاڇو ڇا،ڪارونجهر ڇا.اتر ڇا،ڪشمور کان ويندي ڪيٽي بندر تائين معصوم ٻار عذاب هيٺ آهن.مائرون ماتم ۾ آهن.ڌرتيءَ جي سيني تي روز قبرون پنهنجو وجود ظاهر ڪري رهيون آهن.

هن وقت سنڌ جون ڪيتريون ئي مائرون سوريءَ سمان آهن ڇو جو انهن جا معصوم ٻارڙا هر روز ان سوريءَ تي سينگهارجي رهيا آهن جن کي بظاهر ته بيماري پهرين مائرن جي ڇاتين کان ڏور ٿي ڪري،پوءِ بستر ڀيڙو ٿي ڪري پوءِ لاچار ٿي ڪري،پوءِ ڪنهن اطائي ڊاڪٽر ڀيڙو ٿين ٿا.پوءِ ان سوريءَ تي چڙهي ٿا وڃن جيڪا نظر نٿي اچي پر هو سرد لاش ٿي مائرن جي جهولي ۾ ڪري پون ٿا جن جا سرد لاش ڏسي انهن مائرن جا هنيا ڏري پون ٿا انهن جي اکڙين جو قرار ختم ٿي وڃي ٿو.

سنڌ ۾ جيڪا به وبائي بيماري اچي ٿي اها ويندي ويندي پاڻ سان سنڌ مان هزارين ٻارکڻي ويندي آهي.اهڙو ئي هن وقت حال آهي موري سنڌ ۾ ارڙي جي وبا پکڙيل آهي جنهن ۾ سموري سنڌ وڪڙ ۾ آهي جنهن ۾ هن وقت تائين سوين ٻار مري چڪا آهن .۽ سنڌ ۾ ته هزارين ٻار مري چڪا آهن.

اخباري خبرن موجب روز ويهه کان ٽيهه ٻار ارڙي وگهي مري رهيا آهن ۽ سنڌ سرڪار ان بيماريءَ تي ظابطو آڻڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي.هزارين ٻار ان بيماري ۾ وڪوڙجي ويا آهن ۽ ارڙي سنڌ ۾ وبا جي صورت وٺي پکڙجي چڪي آهي.اسپتالون ٻارن سان ڀريون پيون آهن.پر اتي نه ڊاڪٽر آهن ۽ نه ئي دوائون.مائرون پنهنجي جگر جي ٽڪرن کي کڻي پيرين پنڌ ڪيئي ڪلو ميٽرن ڪري اسپتال پهچن ٿيون ته اتي نه ڊاڪٽر آهن ۽ نه ئي دوائون پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي اهي ٻار انهن مائرن جي هٿن ۾ دم ڏئي ٿا ڇڏين.وري هڪ نه ختم ٿيندڙ قبرن جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو.اهي قبرون بس ٿر جي سيني تي ناهن پر اهي قبرون ان واريءَ کان ويندي ان ڪيٽي جي بندر تائين ٺهي رهيون آهن.

مائرن جو جهوليون خالي ٿي رهيون آهن.معصوم ٻار حوا ۾ پاڻي جي بلبلي جيئان تحليل ٿي رهيا آهن.انهن جي ساهه جو پکيڙو اڏري رهيو آهي تڏهن به سنڌ سرڪار بي خبر آهي. ڇو؟!!

اهو قتل ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ان قتل جي ايف آئي آر ڪنهن تي ڪٽرائجي؟!

جيسين ڪا صورت نظر اچي تسين اُهي ٻار ۽ انهنجي ساهه جو پکيڙيو ڪئين روڪجي

هي به ڏسي سگهو ٿا

ووٽ ذريعي تبديلي آڻڻ جو وقت اچي ويو

حيات  تنيو تمام گھڻن وهمن، وسوسن ۽ خدشن جي باوجود اهو چئي سگھجي ٿو ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے