25 بدھ , اپریل 2018

سنڌ جي جياپي جو ڪيس ۽ وفاقي سرڪار

علي محمد ميمڻ

وفاقي حڪومت ۽ صوبن جي گڏيل مفادن  واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي طرفان سڏايل اجلاس ۾ سنڌ سرڪار طرفان”سنڌ جو ڪيس“ پيش ڪيو ويو آهي. حڪومت سنڌ طرفان، ” قومي پاڻي پاليسي“ تي سنڌ جي پاڻي ماهرن ۽ آبادگار تنظيمن سان ڪيل گڏجاڻين، سيمينارن ذريعي حاصل ٿيل سفارشن ۽ صلاحن جي دستاويزن سان گڏوگڏ  سنڌ اسيمبلي  جي تازي اجلاس ۾ پنجاب جي مٿين علائقي ۾ سنڌو درياهه مان  چشمه جهلم ۽ تونسا ڪئنال ۾ پاڻي کڻڻ خلاف صوبائي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي اسيمبلي ميمبرن پاران گڏيل  احتجاج  ۽ منظور ڪيل ٺهرائن جي روشني ۾ سنڌ جو ڪيس وزير اعظم ۽ لاڳاپيل وفاقي ادارن کي پڻ  پيش ڪيو ويو آهي.

ملڪ ۾ پاڻي جي ذخيرن جي سنڀال، انتظامن ۽ ورهاست بابت  وفاقي سرڪار جي ماتحت، تيار ٿيندڙ ”نيشنل واٽر پاليسي“ لاءِ سنڌ طرفان پنهنجي جياپي ، پاڻي جي قدرتي ۽ عالمي حق جي حفاظت ، زراعت ۽ زرعي معيشيت جو مقدمو پيش ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ وفاقي سرڪار تي اهو پڌروڪيو ويو آهي ته سنڌو درياهه تي ڪو به ڊيم قبول نه ڪيو ويندو. پاڻيءَ جي هلندڙ وهڪري کي ڪنهن به ريت موڙڻ يا مداخلت ڪرڻ جي ان وقت تائين اجازت نه ڏني وڃي جيستائين سمورن وفاقي يونٽن (صوبن) خاص طور درياهن جي پڇڙي ۾آباد ماڻهن جو اتفاق راءِ نه ٿئي. سنڌ سرڪار طرفان اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو آهي ته پاڻيءَ جي 1991ع واري معاهدي تي ان جي اصل روح مطابق عمل ڪيو وڃي ۽درياهه جي پاڻيءَ تي پڇڙي وارن جي حق واري عالمي اصول کي مڃڻ گهرجي.

هوڏانهن،  وفاقي سرڪارسان حڪومت سنڌ جي اختيارين جي ٿيل ابتدائي اجلاس جي حوالي سان مليل خبرن موجب وفاقي سرڪار طرفان مختلف حيلن ۽ بهانن سان سنڌو درياهه تي وڏن ڊئمن جي اڏاوت جي نالي تي ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ  غير مقبول رٿا ڪالاباغ ڊئم لاءِ راهه هموار ڪرڻ جا خدشا پڻ ڪر کڻي رهيا آهن. جنهن تي سنڌ جي ڪروڙين عوام ۾ تمام گهڻي فڪرمندي پيدا ٿي وئي آهي ۽ زرعي پاڻي جي کوٽ وارو بحران شديد ٿيڻ جو انديشو وڌي ويو آهي.

سنڌ سرڪار طرفان وفاقي سرڪار جي سڏايل سي سي آءِ اجلاس ۾ قومي پاڻي پاليسي لاءِ سنڌ جون سفارشون ۽ ڪيس جي تياري بابت تازو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه.جي صدارت ۾ نيشنل واٽر پاليسي تي غور لاءِ وزير اعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو وڏي وزير اجلاس ۾ ٻڌايو ته سسٽم۾ واڌ لاءِ وڏن ڊيمن جي تعمير سڀني وفاقي يونٽن (صوبن) جي اتفاق راءِ سان ڪئي وڃي، پر وفاقي سرڪار طرفان سنڌ صوبي جي ان گهرکي شامل ناهي ڪيو ويو. ان کان علاوهه سنڌ حڪومت ترميم تجويز ڪئي ته ملڪ ۾ پاڻي جي معاملن ۽ مسئلن جي حل لاءِ مستقل بنيادن تي هڪ نيشنل واٽر ڪائونسل (اين ڊبليو سي) قائم ڪئي وڃي. جنهن تحت ” نيشنل واٽر پاليسيَ“ تي عملدرآمد، ان جو جائزو، معيشت ۾ نيشنل واٽر سيڪٽر اسٽريٽ جي ۽ ان جي لڳاتار اپ ڊيٽ، قانونسازي، پاليسي، پاڻيءَ جي ذخيرن جي ترقي ۽ ملڪ اندر مئنيجمنٽ جي حوالي سان سفارشون، وفاقي ۽ ان سان گڏ صوبائي حڪومت جي سطح تي لاڳاپيل ادارن وچ ۾ نيشنل پلاننگ ۽ پاڻيءَ جي وسيلن جي ترقي ۽ مئنيجمنٽ سرگرمين جي حوالي سان گڏيل رابطا ڪرڻ جا فرض هجن ته جيئن پاڻي پاليسي جي مقصدن کي حاصل ڪري سگهجي.

سنڌ اسيمبلي  جي گذريل اجلاس ۾ صوبي جي عوام جي اهم پاڻي جي معاملي کي اٿاريو ويو ۽ پنجاب جي مٿين علائقي ۾ سنڌو درياهه مان  چشمه جهلم ۽ تونسا ڪئنال ۾ پاڻي کڻڻ خلاف صوبائي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي اسمبلي ميمبرن پاران گڏيل  احتجاج ڪيو ويو ۽ ان اسم سميت صوبي جي ٻين اهم مسئلن ۽ وهنوارن بابت مختلف 6 ٺهراءَ پڻ منظور ڪيا ويا. جن  ۾ سنڌ جي قيمتي اثاثن ۽ ادارن پاڪستان اسٽيل ۽ پي آءِ اي جي وفاقي سرڪار طرفان نجڪاري ڪرڻ جي فيصلي خلاف  ٺهراءَ پڻ منظور  ڪيا ويا. ان کان علاوهه سنڌ جي زراعت ۽ زرعي معيشيت جي تباهي ۾ وفاقي سرڪار ۽ وفاقي ادارن سان گڏوگڏ صوبائي ادارن ۽ آبادگارن طرفان پڻ سالياني زراعت جي رٿابندي جي ڀڃڪڙي ڪندي پنهنجي زراعت کي نقصان پهچائڻ سان گڏوگڏ  ٻين   آبادگارن ۽ هارين سان ظلم ڪرڻ جا معاملا پڻ سامهون آندا ويا آهن.

هوڏانهن، ” قومي پاڻي پاليسي“ تي سنڌ جي پاڻي ماهرن سان تحقيقي گڏجاڻي ڪئي وئي ۽ ڪراچي ۾ سيڊا طرفان سنڌ جي واٽر پاليسي جوڙڻ بابت سيمينار ڪوٺايو ويو. جنهن ۾  پاڻي ماهرن  ادريس راجپوت، پاڻي پاليسي ۽ رٿابندي ماهر  فضل الله قريشي  ۽سنڌ جي آبادگار تنظيمن  جن ۾سنڌ آبادگار بورڊ ۽ ايوان زراعت،  سارڪ، ايف او سي، سنڌ آبادگار ايسوسيئيشن، سنڌ آبادگار هاري اتحاد ۽ آبادگار ايسوسيئيشن،  سنڌ آبادگار اتحاد ۽ ٻيا ادارا پنهنجي لاڳاپيل معاملن ۽ مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ تحقيق ڪري فوري مسئلن جي حل سان گڏوگڏ هرسال زراعت ۽ آبادگارن سان ٿيندڙ مسئلن ۽ ان جي حل بابت تفصيل ۽ حقيقتون پيش ڪيون ويون آهن. جن موجب سنڌ جي زراعت ۽ زرعي معيشيت جو معاملو قومي مسئلي جهڙي صورت اختيار ڪري ويو آهي.

يقينن، اها حقيقت آهي ته سنڌ جي سمورن آبادگارن ۽ لکين خاندانن ۽ ڪروڙين ماڻهن جي گذر سفر ۽ جياپي جو ذريعو زراعت، فصلن جي پوکي، هارپي انهن سان لاڳاپيل ڪاروبارن ۽ روزگارن سان آهي. هڪ پاسي سنڌ جي آبادگارن کي پوکيل فصلن جو مناسب اگهه نه پيو ملي ۽ ٻئي پاسي وري فصل پوکڻ لاءِ پاڻي جي سخت اڻاٺ آهي. آبادگارن کي ڪمند جو سرڪاري اگهه نه ملڻ ۽ پوک لاءِ پاڻي جي کوٽ اهڙامعاملا آهن جيڪي مجموعي طور تي سنڌي ماڻهن جي زراعت کي تباهه ڪري رهيا آهن. اها اهڙي صورتحال آهي جيڪا سنڌ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي  کي ڀڃڻ لاءِ ڪافي آهي.

بيشڪ !  سنڌ جي عوام جي جياپي ۽ لکين خاندانن جي رزق ۽ صوبي جي ڪروڙين عوام جي زندگي جي خوشين جو دارومدار ۽ صوبي جي ننڍن ۽ وڏن شهرن جي ڪاروبارن جون رونقون ، ترقي ۽ خوشحالي جو  انحصار پڻ زراعت ۽ فصلن جي پيداوار تي ئي آهي. ان ڏس ۾ سنڌ جي معيشيت کي گهڻن پاسن کان پريشانيون ۽ مسئلا لاڳو آهن. پر اصل حقيقتون، اخبارن ۽ ميڊيا ۾ سامهون ايندڙ خبرن کان گهڻو وڌيڪ خراب آهن. آبادگارن ۽ هارين سان ٿيندڙ ڏاڍائين ۽ زرعي معيشيت واري وڏي ڪمند جي فصلن جي شوگر ملز مافيا هٿان  ڦرمار ۽ آبادگارن ۽ هارين سان ٿيندڙ ڏاڍائين جا لڳاتار واقعا، هاڃيڪار ۽ خوفناڪ صورتحال اختيار ڪري رهيا  آهن.

هڪ پاسي، عدالتن جي حڪمن ۽ سنڌ سرڪار جي داد رسي جي باوجود سنڌ جي عوام کي نپوڙيو پيو وڃي ، حڪومت طرفان ڪمند جي مقرر ڪيل سرڪاري قيمت يا اگهه نه ملڻ  ۽ شوگر ملز  انتظاميا طرفان آبادگارن سان ڏاڍايون ۽ ڪمند خريد نه ڪرڻ ۽ خريد ڪيل ڪمند جون رقمون يا واجبات زميندارن ۽ آبادگارن کي بروقت ادا نه ڪرڻ جون دانهون پڻ عام آهن.  ان صورتحال کي هيئن چئجي ته سنڌ جي ڪروڙين عوام جو رزق ، روزگار، خوشيون ۽ نوجوان نسل جو مستقبل پڻ داءَ  تي لڳي ويو آهي.

ٻئي پاسي، سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ شگر ملن جي انتظاميا طرفان ڪمند جي آبادگارن سان ڏاڍاين ۽ ظلم جون شڪايتون پڻ عام آهن ته شوگر ملن پاران آبادگارن کي عدليه ۾ معاملي جو سبب ٻڌائي رقمون روڪي رکيون آھن ۽ ان کان علاوهه آبادگارن  تي دٻاءُ وجهي کين سڌي طرح پنھنجي اڪائونٽ ۾ ڪمند موڪلڻ کان به مل انتظاميا روڪي ۽ پنھنجن ڪجهھ بروڪرن جي اڪائونٽ يا کاتن ۾ گهٽ اگهن ۾ ڪمند موڪلڻ جون شڪايتون پڻ عام آهن.

يقينن، حڪومت سنڌ ۽ ٻين اختيارين کان اها گهر ڪرڻ ضروري آهي ته وفاقي سرڪار وٽ سنڌ  جي حقن جو ڪيس پيش ڪرڻ جي فرض جي ادائيگي سان گڏوگڏ سنڌ صوبي ۾ شوگر مل مالڪن طرفان ٿيندڙ ناانصافين کي پڻ سختي سان منهن ڏيڻ گهرجي ۽ آبادگارن کي رقمون فوري طور ادا ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي ۽ وڏي وزير ۽ صوبائي وزير ن کي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ کليون ڪچهريون لڳائي، صوبائي سطح جا مسئلا پڻ جلد حل ڪرڻ گهرجن.

ان کان علاوهه  سنڌ جي مختلف ضلعن ۾مختلف قسم جي ضروري فصلن جي پوک وارين ايراضين جو پڻ جائزو وٺڻ گهرجي ته جيئن لکين ايڪڙ زرعي ايراضين کي صرف ڪمند جي فصلن ۾ ضائع  ٿيڻ  ۽ شگر ملن جو شڪار ٿيڻ بجاء ڪپهه، سارين، ڪڻڪ ، سبزين، سورج مکي، سويابين ۽ مختلف قسم جي فروٽن ۽ ميون پوکڻ لاءِ مخصوص ڪيو وڃي ته جيئن آبادگار ، هاري خوشحال رهن ۽ شهرن ۽ ڳوٺن جا ڪاروبار ۽ رونقون پڻ بحال رهن ۽ ايندڙ سالن جا فصل ۽ لکين خاندان جا رزق ۽ روزگار سلامت ۽ محفوظ ٿي سگهن .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽن ننڍن صوبن جي وڏن وزيرن جو بائيڪاٽ: قومپرستن جي موقف جي اخلاقي فتح آ

 زرار پيرزادو ڪو زمانو هوندو هو جڏهن پنجاب طرفان ننڍن صوبن جي وسيلن جو استحصال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے