26 جمعرات , اپریل 2018

دنيا جي آخري اڇي نَر گينڊي کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو

جوبا (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ موجود آخري اترين نسل جي اڇي نَر گينڊي کي وڏي عمر ۽ ڪيترين ئي بيمارين سبب مجبوري ۾ موت جي ننڊ سمهاريو ويو. اهو دنيا جي ناياب ترين اترين نسل جو واحد اڇو نَر گينڊو هو، جنهن کانپوءِ سڄي دنيا ۾ ڪٿي به ان نسل جو ڪو نَر گينڊو ناهي بچيو. اهو گينڊو 1973ع ۾ ڏکڻ سوڊان ۾ پيدا ٿيو، جنهن سبب ان جو نالو به سوڊان رکيو ويو. هن وقت دنيا ۾ ان نَر گينڊي جي نسل جون ٻه ماديون موجود آهن، جن جي عمر 17 ۽ 28 سال ٻڌائي پئي وڃي. رپورٽن موجب سوڊان پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ اٿڻ جي لائق نه رهيو هو، جنهن سبب گينڊي جي نگراني ڪندڙ ماهرن هٿرادو طريقي سان ان کي ماري ڇڏيو. ڪيترن ئي سالن کان غير قانوني شڪار ۽ آفريڪا ۾ جاري گهرو ويڙهه کي اترين نسل جي اڇن گينڊن جي نسل ڪشي قرار ڏنو پيو وڃي. واضح رهي ته ڪانگو ۾ 1990ع کان 2000ع تائين جاري رهندڙ گهرو ويڙهه دوران به ساڳي نسل جي 20 کان 30 گينڊن کي قتل ڪيو ويو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

لڳي ٿو ته ٽرمپ ايران سان ائٽمي ٺاهه ختم ڪري ڇڏيندو: فرانسيسي صدر

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) فرانسيسي صدر ايمانيول ميڪرون چيو آهي ته لڳي ٿو ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے