لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي پهرين ايليمينيٽر ۾ پشاور زلمي جي ٽيم ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي ميچ کٽڻ لاءِ 158 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو آهي. لاهور ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي پشاور زلمي جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 157 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. پشاور طرفان ليام ڊاسن بهترين بيٽنگ ڪندي 4 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 35 بالن تي 62 رنسن جي اننگز کيڏي. ٻين رانديگرن ۾ تميم اقبال 27، محمد حفيظ 25 ۽ وهاب رياض 15 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. ان کانسواءِ ڪو رانديگر ڊبل فگر ۾ به نه پهتو. ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز طرفان راحت علي بهترين بالنگ ڪرائيندي 4 اوورن ۾ 16 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ٿسارا پريرا 2، مير حمزا، حسان خان، محمد نواز ۽ محمود الله هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.27
هي به ڏسي سگهو ٿا
محمد عامر کي برطانوي ويزا ملي وئي
لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عامر کي برطانوي ويزا جاري …