24 سومر , سيپٽمبر 2018

چوڌري نثار ن ليگ طرفان ٽڪيٽ نه ملڻ تي پي ٽي آءِ طرفان چونڊ وڙهندو: نبيل گبول جي دعويٰ

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نبيل گبول دعويٰ ڪئي آهي ته چوڌري نثار جيڪو چوندو آهي ته اين اي 59 مان چونڊ وڙهندس ان جو سبب اهو آهي ته سندس دماغ ۾ اُها شئي موجود آهي ته جيڪڏهن نواز شريف ٽڪيٽ نه ڏني ته هو پي ٽي آءِ سان چونڊ وڙهندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي نبيل گبول چيو ته چوڌري نثار اعلان ڪيو ته هن جو عمران خان سان ٽن سالن کان ڪو به رابطو ناهي ان جو جواب ته فواد چوڌري ئي ڏئي سگهي ٿو پر آئون سمجان ٿو ته هو عمرنا خان سان رابطي ۾ آهي.  نبيل گبول دعويٰ ڪندي چيو ته چوڌري نثار چيو هو ته هو اين اي 59 مان چونڊ وڙهندو ان جو سبب اهو آهي ته هو اتان آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهندو پر ان جي دماغ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اها ڳالهه موجود آهي ته جيڪڏهن نواز شريف کيس ٽڪيٽ نه ڏني ته هو پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي وڙهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Fake Bank Account Cases: I submitted an earlier pre-report report

جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس: جي آءِ ٽي پهرين اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس جي ٻڌڻي دوران گڏيل جاچ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے