25 بدھ , اپریل 2018

ڪراچي ۾ غير قانوني بحريا ٽائون ۽ ٻيون هائوسنگ اسڪيمون ڊاهڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي واٽر ڪميشن بنا اجازت ٺهندڙ بحريا ٽائون ۽ ٻين هائوسنگ اسڪيمن کي ڪيرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. سنڌ ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي بابت جسٽس رٽائرڊ امير هامي مسلم جي سربراهي ۾ واٽر ڪميشن ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ڪميشن ريمارڪس ڏنا ته شهر جو ٻيڙو ٻڌندو پيو وڃي ۽ هائوسنگ اسڪيمن جي نالن تي شهر کي تباهه ڪيو ويو آهي. بلديات سيڪريٽري ڪميشن کي ٻڌايو ته ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي (ڪي ڊي اي) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) ۾ ضم ٿيڻ کانپوءِ سمورا معاملا خراب ٿي ويا. ڪميشن سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) آغا مسعود عباس کان پڇاڻو ڪيو ته ڪنهن جي اجازت سان غير قانوني تعميراتي ڪم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ ڪيتريون ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون هائوسنگ اسڪيمون آهن؟ آغا مسعود اعتراف ڪيو ته بحريا ٽائون جو تعميراتي ڪم منظوري کانسواءِ جاري آهي، جنهن جي رپورٽ سنڌ حڪومت وٽ جمع ڪرائي وئي آهي. ڪميشن حڪم ڏنو ته بحريا ٽائون سميت جن جن اسڪيمن جي تعمير غير قانوني آهي، انهن کي ڊاٿو وڃي. ڪميشن ايس بي سي اي کي نالن تي قائم عمارتن خلاف به ڪارروائي جو حڪم ڏنو. ميئر وسيم اختر ڪميشن کي گجر نالي جي متاثرن کي معاوضي جي فراهمي جي درخواست ڪئي ۽ ٻڌايو ته لياري ندي تي عمارتون ٺهي ويون آهن، جيڪي خالي ڪرائڻ ڏکيو آهي، جڏهن ته شهر جي 5 سئو نالن ۾ ڪچرو ڀريل آهي. ڪميشن جو چوڻ هو ته نالي ڀرپاسي رڳو ليز زمينن جي مالڪن کي معاوضو فراهم ڪيو ويندو. ڪميشن گهرو سيڪريٽري کي ندين ۽ نالن ۾ ڪچرو اڇلائڻ تي پابندي لاءِ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻڌڻي کانپوءِ ڪميشن جي سربراهه ميئر ۽ ٻين شهري ادارن جي آفيسرن سان گڏجي شهر ۾ ڪچرن سان ڀريل نالن جو دورو ڪيو ۽ خراب صورتحال تي سخت ڪاوڙ ڪئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

دهشتگردن جي مدد ڪندڙ ٻلي گرفتار

سنجوس(ويب ڊيسڪ) ڪوسٽاريڪا ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪندي جيل ۾ قيد خطرناڪ قيدين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے