23 سومر , جولاءِ 2018

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ڪراچي جي ڪمشنر کي 10 ڏينهن ۾ کير جو اگهه طئي ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)  سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪمشنر ڪراچي کي 10 ڏينهن ۾ کير جي قيمت طئي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کير جي اگهه بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ ڪراچي جو ڪمشنر به عدالت ۾ پيش ٿيو. ڪراچي جي ڪمشنر عدالت کي ٻڌايو ته ڪيترائي اجلاس ٿيڻ کان پوءِ قيمت طئي ڪئي آهي، اسان کير جي قيمت 95 رپيا طئي ڪئي پر ريٽيلرز راضي ناهن، ريٽيلرز 6 رپيا في ڪلو کير ۾ واڌ ڪرڻ چاهن ٿا. ان موقعي تي ريٽيلرز طرفان عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اسان کي کير 84 رپين ۾ ملندو آهي ۽ خرچ کان پوءِ 94 رپين جو ٿو وڃي ٿئي. ان تي جسٽس عقيل چيو ته توهان ايترا معصوم ناهيو، شهر ۾ 100 ليٽر به کير وڪرو ٿي رهيو آهي.  جسٽس عقيل عباسي ريمارڪس ڏنا ته ڇا ائين نٿو ٿي سگهي ته ڊيري فارمرز ماڻهن کي کير ڏين، اهو تماشو لڳايو ويو آهي، هر ڪو ڪمائڻ جي چڪر ۾ آهي، مناسب منافعو وٺو ماڻهن کي تڪليف نه ڏيو، اهڙو طريقيڪار هجي جو ماڻهن کي مناسب قيمت تي کير ملي، طريقيڪار نه بڻيو ته سنڌ حڪومت کي معاملو سنڀالڻ جو چونداسين. ڪراچي جي ڪمشنر چيو ته عدالت مون کي فري هينڊ ڏئي ته کين 24 ڪلاڪن ۾ ٺيڪ ڪندس، انتظاميا جا هٿ ٻڌيا ويا آهن، اسان ڪارروائي بعد ۾ ڪندا آهيو، ضمانت پهرين ٿي ويندي آهي. عدالت ڌرين کي 10 ڏينهن ۾ کير جو اگهه طئي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته اگهه بابت نوٽيفڪيشن به 10 ڏينهن ۾ جاري ڪيو ويندو.  عدالت جي حڪم تي ريٽيلرز چيو ته الله جو واسطو آهي اڄ ئي فيصلو ڪيو اسان جو ڏيوالو نه ٿي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ختم نبوت ترميم سان منهنجو ڪو به واسطو ناهي: شفقت محمود

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شفقت محمود چيو آهي ته ختم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے