25 بدھ , اپریل 2018

پي ايس ايل جو ميلو لاهور ۾ سجي ويو، ڪوئيٽا جي ٽاس کٽي پهريان بالنگ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جو ميلو لاهور ۾ سجي ويو آهي ۽ اهم ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو آهي. ٽاس کٽڻ کانپوءِ ڳالهائيندي سرفراز احمد جو چوڻ هو ته ٽيم ۾ تبديليون ڪيون ويون آهن، ٿسارا پريرا، محمود الله ۽ ٽام ڪولر کي شامل ڪيو ويو آهي، برسات سبب پِچ تي گِهمَ نظر اچي رهي آهي، تنهن ڪري پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان جي ڪوشش هوندي ته ميچ ۾ ڪاميابي ماڻي فائنل ڏانهن سفر جاري رکون. ان موقعي تي ڊيرن سيمي جو چوڻ هو ته ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون آهن، تميم اقبال ۽ آندري فليچر جي واپسي ٿي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

دهشتگردن جي مدد ڪندڙ ٻلي گرفتار

سنجوس(ويب ڊيسڪ) ڪوسٽاريڪا ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪندي جيل ۾ قيد خطرناڪ قيدين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے