26 جمعرات , اپریل 2018

سيوريج جي پاڻي مان گذرندڙ جنازي تي چيف جسٽس جو نوٽيس، ميڊيا کي نشاندهي جي هدايت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ تصوير جو نوٽيس وٺي ڇڏيو جنهن ۾ هڪ جنازي کي سيوريج جي پاڻي سان ڀريل گهٽي مان کڻي وڃي رهيا آهن. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عدالت ۾ موجود وفاقي ۽ صوبائي اختيارين جو ڌيان ان تصوير ڏانهن ڇڪايو. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ان تصوير ۾ هڪ جنازي کي اهڙي گهٽي مان کڻي وڃي رهيا آهن جيڪا سيوريج جي گندي پاڻي سان ڀريل آهي. چيف جسٽس عدالت ۾ موجود ميڊيا ۽ ٻين نمائندن کي چيو ته ان علائقي جي نشاندهي ڪيو ته اهو ڪهڙو علائقو آهي. هن چيو ته اها گندگي ۽ غلاظت انساني صحت لاءِ خطرناڪ آهي. هن چيو ته علائقي جي نشاندهي ٿيڻ کان پوءِ ڄاڻايل علائقي جي عوامي نمائندن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر کي طلب ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام هاڻي خواجه آصف جي پاڇي کي به ووٽ ڏيندو: مريم نواز

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته عوام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے