26 جمعرات , اپریل 2018

نيب سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ سلمان رفيق کي طلب ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ سلمان رفيق کي طلب ڪري ورتو. ذريعن موجب نيب خانگي هائوسنگ سوسائٽي بابت جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي ۽ ان حوالي سان ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق کي 22 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي. نيب جي ذريعن جو چوڻ آهي ته خواجا سعد رفيق کان خانگي هائوسنگ سوسائٽي بابت انڪوائري ڪئي ويندي. ٻئي پاسي نيب خواجا سعد رفيق جي ننڍي ڀاءُ صحت واري صوبائي وزير سلمان رفيق کي به 26 مارچ تي طلب ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب سلمان رفيق کي پنجاب حڪومت جي ڪمپنين ۾ ڪرپشن جي حوالي سان پڇا ڳاڇا جي لاءِ طلب ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام هاڻي خواجه آصف جي پاڇي کي به ووٽ ڏيندو: مريم نواز

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته عوام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے