26 جمعرات , اپریل 2018

معمر قذافي جو  پٽ سيف الاسلام ليبيا جي صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار

تيونس ( ويب ڊيسڪ ) ليبيا جي اڳوڻي صدر معمر قذافيءَ جو پٽ سيف الاسلام قذافي هلندڙ سال رٿيل صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. ليبيا جي مشهور پارٽي پاپولر فرنٽ جي ترجمان ايمن ابو راس تيونس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته هلندڙ سال ٿيل صدارتي چونڊن لاءِ سيف الاسلام سندن پارٽي طرفان صدارتي اميدوار هوندو. هن چيو ته صدارتي اميدوار جي ڪاميابي لاءِ ڀرپور مهم هلائي ويندي جنهن لاءِ تيارين کي آخري شڪل ڏني پئي وڃي. نيشنل فرنٽ جي ترجمان سيف الاسلام کي موزون اميدوار قرار ڏيندي چيو ته اڳوڻي صدر جو پٽ قومي مفاهمت ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي هلايو ويندو جنهن لاءِ سيف الاسلام هڪ صدر ۽ هڪ نظام قائم ڪرڻ لاءِ قدم کڻندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

لڳي ٿو ته ٽرمپ ايران سان ائٽمي ٺاهه ختم ڪري ڇڏيندو: فرانسيسي صدر

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) فرانسيسي صدر ايمانيول ميڪرون چيو آهي ته لڳي ٿو ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے