16 خميس , آگسٽ 2018

پاڪستان جي ڏهاڙي تي آءِ ايس پي آر جو نئون ملي نغمو جاري

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ ايس پي آر طرفان 78 هين پاڪستان جي ڏهاڙي تي نئون گانو جاري ڪيو ويو آهي. “ امن ڪا نشان يي هي همارا پاڪستان“ جي عنوان سان گاني جو مقصد تحريڪ پاڪستان جي سر فروشن ۽ قوم جي غازين کي سلام پيش ڪرڻ آهي.  نغمي ۾ پاڪستان جي باني سميت سمورن اڳواڻن جو ٿورا مڃيا ويا جن منزل پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪئي. هي ملي نغمو اردو کانسواءِ سمورن علائقائي ٻولين ۾ به آهي جنهن جو مقصد چئني صوبن جي ثقافت ۽ هڪ ٻي سان اتحاد جي عڪاسي آهي. ملي نغمو کي پاڪستان جي مشهور گلوڪار شفقت امانت علي ڀرپور جوش ۽ ولولي سان ڳايو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ذريعي ملڪ ۾ امن جو پيغام پکيڙڻ تي پاڪستاني ميڊيا جا ٿورا مڃا ۽ لکيو ته اسان کي متحد ٿي هڪ قوم وانگر پاڪستان کي مستحڪم ڪرڻو پوندو. ڊي جي آءِ ايس پي آر پنهنجي پيغام ۾ هڪ وڊيو به شيئر ڪئي جنهن ۾ مختلف ميڊيا چئنلز جا  نيوز اينڪرز  ملڪ جي امن ۽ استحڪام لاءِ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪرڻ جو پيغام ڏيندي نظر اچن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، عمران خان ۽ شهباز شريف ۾ مقابلو ٿيندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي 22 هين وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے