16 خميس , آگسٽ 2018

خادم ڪرپٽ ۽ آصف جلالي انتهاپسند، اربن جو نقصان ٿيو، آءِ ايس آءِ ڇا پئي ڪري :سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ)  سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ آءِ ايس آءِ جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو آهي ته اربين رپين جو نقصان ٿيو پر آءِ  ايس آءِ کي خبر ناهي ته خادم رضوي ڇا پيو ڪري، ايجنسين جي ڪارڪردگي ڏسي پاڪستان جي بچاءُ لاءِ  ڳڻتي پئي ٿئي . سپريم ڪورٽ ۾ فيض آباد پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران آءِ ايس آءِ جي 46 صفحن تي ٻڌل رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو ته خادم رضوي تسليم ٿيل بدعنوان آهي ۽  آصف جلالي انتهاپسند سرگرمين ۾ ملوث آهي فيض آباد ڌرڻي جي مختلف سياسي پارٽين حمايت ڪئي، حمايت ڪندڙن ۾ شيخ رشيد، اعجاز الحق ۽ تحريڪ انصاف جي عالمن جي ونگ به شامل آهي. پ پ جو شيخ حميد ۽  هڪ ٽي وي اينڪر به مدد ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايس آءِ فيض آباد ڌرڻي تي طاقت جو استعمال نه ڪرڻ جي سفارش ڪئي. عدالت آءِ ايس آءِ جي رپورٽ کي غير تسلي بخش ۽ نامڪمل قرار ڏيندي رمارڪس ڏيندي چيو ته آءِ ايس آءِ کي ته خبر ئي ناهي ته ڪير ڪير آهي، اربين رپين جي ملڪيت کي باهه ڏني وئي، ملڪ جي سڀ کان وڏي ايجنسي جي ڄاڻ ٻڌي مون کي ڳڻتي ٿي آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڊپٽي اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته اٽارني جنرل آءِ ايس آءِ سان گڏجاڻي ڪئي ۽ ڇا اٽارني جنرل آفيس آءِ ايس آءِ مان مطمئن آهي، ٻڌايو وڃي ته خادم رضوي جو گذر سفر ڪيئن ٿي رهيو آهي، خادم رضوي ٽيڪس ڏئي ٿو يا نه ٿو ڏي، سندس روزگار ڪهڙو آهي، رپورٽ ۾ انهي حوالي سان تفصيل ڪٿي آهن، جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل سهيل محمود چيو ته خادم حسين رضوي پيشيءَ جي اعتبار سان خطيب آهي. جسٽس قاضي فائز پڇاڻو ڪيو ته ڇا خطيب جي ڪا پگهار هوندي آهي. بچاءَ واري وزير جي نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته خادم حسين رضوي چندو وصول ڪندو آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته بچاءَ واري وزارت جون ڳالهيون ٻڌي هاڻي مان ملڪ جي مستقبل لاءِ فڪر مند آهيان ڇا ڪنهن کي رياست پاڪستان بابت خيال آهي، بچاءَ واري وزارت به اسان وانگر عوام کي جوابده آهي. عدالت آءِ بي جي رپورٽ سڌي عدالت ۾ جمع ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏيندي چيو ته آءِ بي جي رپورٽ ۾ ڪجهه ڳجهو ناهي بس اخباري خبرون آهن. عدالت پيمرا طرفان رپورٽ نه اچڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 10 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت اٽارني جنرل آفيس کان سوشل ميڊيا تي انتها پسندي روڪڻ لاءِ قدمن تي به رپورٽ طلب ڪري ورتي. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ تحريڪ لبيڪ جي خادم حسين رضوي ۽ پير افضل قادري کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. گذريل سال نومبر ۾ اسلام آباد جي فيض آباد تي تحريڪ لبيڪ طرفان ڌرڻو هنيو ويو جيڪو تقريبن 22 ڏينهن کان پوءِ ختم ٿيو جڏهن ته ان دوران ڀڃ ڊاهه ۽ پوليس اهلڪارن تي حملي جا ڪيس به داخل ڪيا ويا. گذريل ٻڌڻي تي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته مولانا خادم حسين رضوي سميت چار جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل آهن پر هر هر طلبي جي باوجود جوابدار عدالت ۾ پيش ناهي ٿي رهيو. پراسيڪيوٽر عدالت کي اپيل ڪئي هئي ته جوابدارن کي مفرور قرار ڏنو ويندو ۽ ان جي باوجود عدم حاضري جي صورت ۾ اشتهاري قرار ڏنو وڃي. اسلام آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج شاهه رخ ارجمند فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت طرفان چالان پيش ڪرڻ جي حڪم باوجود پوليس حتمي چالان پيش نه ڪري سگهي جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت هر هر طلبي ۽ مفرور قرار ڏيڻ بعد به پيشي نه ٿيڻ تي تحريڪ لبيڪ جي خادم حسين رضوي ۽ افضل قادري کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. عدالت خادم حسين رضوي جو مفرور جوابدار جو اسٽيٽس به برقرار رکيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nawabshah: The beauty of Mohammad Ismaili entered the Bad, PMO hospital

مخالف ڌر نوان طريقا اختيار ڪندي ته اسان به تيار آهيون: مراد شاهه

ڪراچي:  سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ بعد ايوان ۾ ڳالهائيندي نامزد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے