26 جمعرات , اپریل 2018

سينيٽ جي چونڊ: ڪنهن کٽيو ڪنهن هارايو

واجد شمس الحسن

هلندڙ سال جي پڇاڙيءَ ۾ عام چونڊن کان پهرين گهڻا دلچسپ مرحلا اچڻ جي توقع آهي. مون هڪ مضمون ۾ پاڪستان جي اهڙو ملڪ هئڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، جتي ڪنهن وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، جتي ڪڏهن به هڪ جهڙيون حالتون نه ٿيون هجن.جڏهن آصف علي زرداري مون کي ٻڌائيندو هو ته ”منهنجي لفظن کي“ ياد رکندا، جڏهن مان هليو ويندس، مون وٽ ان وقت کان شڪ جو ڪو سبب ناهي، جڏهن هن وقت هو ۽ هن به ٻين وانگر پنهنجي مهارت استعمال ڪئي، پنهنجي مذاق اڏائي. سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ جي موقعي تي مون ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪئي پر هن گهڻو ڪجهه نه ٻڌايو پر پنهنجون اڳ ڪٿيون ياد ڏياريون.

چارلس ڊڪنز هجي ها ته صورتحال کي توقعات ۽ غيرمتوقع امڪانن جهڙو ماحول قرار ڏئي ها. مخالفن کي چيلينج ڪندي مريم نواز کي تصور ۾ آڻيو، جيڪا چوي پئي ته ”روڪي گهو ته روڪيو“ ۽ ان وقت ئي ايئن چئي جڏهن ٻي جماعت آخري پل تائين ناقابل ترديد انتظامن سان اچڻ لاءِ تيارين ۾ مصروف هئي. جڏهن ته پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ ۽ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ ٻين اتحادين ٻن اعليٰ عهدن لاءِ اميدوارن جو فيصلو ڪري ورتو. پاڪستان مسلم ليگ ضياءَ جي اوپننگ بيٽسمين طور شهرت حاصل ڪندڙ بزرگ سياستدان چيئرمين سينيٽر طور صادق سنجراڻي جي مقابلي ۾ ميدان ۾ لاهڻ جو فيصلو ڪيو پر ضياءَ جي اوپننگ بيٽسمين راجا صاحب کي شڪست آئي، هن جا ساٿي چون ٿا ته هنن اڄ تائين سڌي ريت ٿيل ڪا به چونڊ ناهي کٽي.

هنن لاءِ راجا صاحب جي شڪست يقيني هئي، توقع موجب ڏينهن جي پڄاڻي ٻن شخصيتن لاءِ تاريخي ثابت ٿي، هڪ چيئرمين سينيٽ ۽ ٻيو ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا لاءِ. انهيءَ عزت جو سمورو ڪريڊٽ آصف علي زرداريءَ ڏانهن وڃي ٿو، هن هڪ مهينو اڳ اڳڪٿي ڪئي هئي ته هو مسلم ليگ ن کي سينيٽ جو چيئرمين چونڊرائڻ نه ڏيندو. سندس ان چيلينج کي ميان نواز شريف، مريم ۽ مسلم ليگ ن جي قيادت مذاق سمجهيو پر آخرڪار کين پشيمانيءَ جو منهن ڏسڻو پيو.

چيو وڃي ٿو ته پهريون ئي ووٽ پيو ته سنجراڻيءَ کي فتح جو يقين ٿي ويو. هن کي يقيني طور ملڪ جي وڏين پارٽين جي حمايت حاصل هئي، هن کي مليل ستونجاهه ووٽن ۾ مسلم ليگ نون طرفان مليل ٽي ووٽ به شامل هئا. جن سمجهيو ٿي ته اهو بيانيو ٺيڪ آهي ته ملڪ جو پٺتي پيل صوبو هئڻ ناتي ان کي سنيٽ ۾ اعليٰ ترين عزت ملڻ گهرجي، خاص ڪري ان لاءِ به جو سينيٽ جو چيئرمين ڪڏهن به ان صوبي مان ناهي آيو.

هي طاقتور دليل به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي ته آصف علي زرداري پاڻ به بلوچستان سان تعلق رکي ٿو ۽ هميشه ان صوبي جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ ٿو چاهي ۽ سينيٽ جي چونڊن مان فائدو حاصل ڪرڻ ۾ هو حق بجانب هو.

مسلم ليگ جي شرمندگي ۽ پريشاني ان وقت ڏٺي وئي جڏهن وزيراعظم جو فرزند گيلريءَ  ۾ جشن ملهائيندڙ پي پي ۽ پي ٽي آءِ تي ڪڙڪي پيو. وزيراعظم جي پٽ ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۾ ويڙهه ان ڳالهه جو ثبوت هئي ته ووٽ ختم ٿيڻ کان اڳ ئي مسلم ليگ کي شڪست جو اندازو ٿي ويو هو.

وڏي واڪ ڳالهائيندڙ مسلم ليگ جي اڳواڻن جي بولتي بند ٿي وئي ۽ هو سينيٽ ۾ مايوسيءَ وچان هڪ ٻئي سان ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪندا رهيا.سينيٽ چونڊن جي اڳواڻي ڪندڙ سينيٽر آصف ڪرماڻي هڪ ڪرسي کان ٻي ڪرسي ڏانهن ايندو ويندو رهيو ۽ پولنگ دوران اڳواڻن سان ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪندو رهيو ۽ ووٽ گهرندو انهن سان واعدا ڪندو رهيو ته سندن حمايت جي موٽ کين فوري طور ڏني ويندي. ايتري تائين جو مسلم ليگ جي ڪجهه اڳواڻن الزام هنيو ته جي يو آءِ (ف) سنجراڻي ۽ مانڊوي والا کي ان ڪري ووٽ ڏنا جو اهي سينيٽر حاصل بزنجو کي پسند نه ٿا ڪن. مسلم ليگ ن جي ميڊيا ٽوئيٽر تي هي نعرو مقبول ٿي ويو ”ايڪ زرداري، سب پي ڀاري“ هڪ ڪاميابيءَ ۾ ٻن تاريخي فتحن ٻنهي اميدوارن ۽ سندن حامين کي موقعو فراهم ڪيو ته اهي آصف علي زرداريءَ جي حق ۾ خوشيءَ جو اظهار ڪن، جيڪو بنا ڪنهن شڪ جي انهن فتحن جو ماسٽر مائينڊ هو.

بهرحال شڪست کان مٿانهون ٿي ڏسجي ته هيءَ حقيقت آهي ته صادق سنجراڻيءَ جي چونڊ بلوچستان جي ماڻهن لاءِ ڪجهه اميد آهي، جيڪي ستن ڏهاڪن کان محرومين جو شڪار آهن، ايئن به ناهي ته چيئرمين جو عهدو ڪو عهدو رکندڙ کي غيرمعمولي اختيار ڏئي ٿو. ايتري تائين جو اهو به چيو وڃي ٿو ته عهدو پنهنجي ٽائيٽل کان گهڻو گهٽ آهي پر ان نظريي سان گهڻو اتفاق نه ٿو ڪري سگهجي.

رضا ربانيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينيٽرن ڪاميابيءَ سان ارڙهين ترميم جي اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ سندس پارٽي آئين ۾ ضيا جي متعارف ڪرايل شق 62 ۽ 63 جو دفاع نه ڪيو، جيڪي صادق ۽ امين هئڻ بابت هئا.اهي ڪرپشن جي وڏي اسڪينڊل کان بچي ٿي سگهيا، سبب هي آهي ته جنهن ٽاريءَ تي ويهو ٿا سا ڪٽيو ٿا. پاڪستان مسلم ليگ ن کي جي ميان صاحب جي نااهليءَ کانپوءِ نئين وزيراعظم جي نامزدگيءَ جو موقعو نه ڏنو وڃي ها ته راند هينئر مختلف هجا ها. هن کيس مڪمل اختيارن مان لطف اندوز ٿيڻ جو سونهري موقعو ڏنو. هن ۽ سندس ڪابينا سندس جاءِ تي وزيراعظم نامزد ڪيو. سندس پرسنل سيڪريٽري فواد حسن فواد عهدي تي قائم رهيو، شهباز شريف جيڪو وڏي صوبي جو سربراهه آهي سو سندس مددگار رهيو. سزا يافتا هجڻ باوجود وزيراعظم جي پروٽوڪول جا مزا وٺندو رهيو. عدليا ۽ اڻ سنڌي طرح جنرلن تي هو، سندس ڌيءُ ۽ ساٿي طلال چوڌري، نهال هاشمي ۽ ٻيا سرعام حملا ڪندا رهيا.

نواز نه ته ويو آهي نه ئي وڃي رهيو آهي، هو واپس ايندو ۽ پاڻ کي پنهنجي پارٽي کي نئين زندگي ڏئي ٿو سگهي. لڳي ايئن ٿو ته سينيٽ جي چونڊ سندس گهر کي سياسي موت ڏئي کيس گوڏن ڀر جهڪڻ تي مجبور ڪري وڌو آهي.

ايندڙ اليڪشن جا نتيجا ڪهڙا ٿي ٿا سگهن، سو ڄاڻڻ لاءِ ڪنهن نجومي يا قسمنت جو حال ٻڌائيندڙ جي ضرورت ناهي. ان حقيقت باوجود ته مسلم ليگ ن جو سڀ کان وڏي صوبي جي افرادي قوت ۽ ذريعن تي مڪمل اختيار آهي، جنهن مان پتو پئي ٿو ته صورتحال جو تبديل ٿيڻ سهنجي ناهي. سنيٽ چونڊن ۾ غير متوقع تبدليون ۽ طور طريقو حيرت ۾ وجهي ٿو ڇڏي ۽ اهو امڪان رد نه ٿو ڪري سگهجي ته اهڙِي صورتحال جولاءِ ۾ متوقع عام چونڊن ۾ به ٿي سگهجي ٿي.

آصف علي زرداري ٻارهن سالن تائين سندس ۽ بينظير ڀٽو جو استحصال ڪندڙن ۾ هٿ وجهڻ جي پوزيشن ۾ هوندو، مون کي يقين آهي ته آصف زرداري کيس جيل ۾ قتل ڪرڻ جي ڪوشش کي نه وساريو هوندو. اها ڪوشش ان وقت ڪئي وئي جڏهن موجوده سينيٽر راڻا مقبول ان وقت آءِ جي پنجاب هو. ڪجهه ڏينهن اڳ  تائين ايئن لڳي رهيو ته مسلم ليگ ن کي عام چونڊن ۾ سڪست نه ٿي ڏئي سگهجي پر سينيٽ چونڊن جي نتيجن کي ذهن ۾ رکيو وڃي ته آصف زرداري پارليامينٽ ۾ مسلم ليگ کي غيرمحفوظ ڪري ٿو سگهي. سياسي پنڊت پ پ، پي ٽي آءِ ۽ ٻين ننڍين جماعت ۾ اتحاد جي امڪانن کي رد نه ٿا ڪن. برطانوي فلسفي لارڊ ايڪٽن ان وقت سئو سيڪڙو حق بجانب هو جڏهن هن چيو هو ته ”بدعنوان کي اختيار جي انتهائي طاقت مڪمل ڪرپٽ ڪري ٿي ڇڏي“، اصل ۾ هي اهو پيغام آهي جيڪو سينيٽ جي چونڊن ۾ شاگردن ڪيو. اهو پاڪستان جي سياست جو عظيم ڏينهن آهي، جڏهن نواز شريف جي اميدوار کي سينيٽ چونڊن ۾ شڪست ملي ۽ ملڪ پاڻ کي نواز شريف جي بادشاهيءَ مان آزاد ڪرايو، هڪ اهڙي فيملي جيڪا ملڪ جي ادارن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ پنهنجي ذاتي دولت ۽ اختيارن جو تحفظ ڪري رهيي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه جهوني جوڳيءَ مواليءَ کي دڙڪا ڏيندي چيو ته ”هن وقت ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے