25 بدھ , اپریل 2018

ايندڙ اقتدار ۽ ن ليگ جو سياسي مستقبل

دوست  حفيظ چنا

شريف خاندان جي سياست ختم ٿيندي نظر پئي اچي ؟ ايندڙ اليڪشن پيپلز پارٽي جي کٽڻ جا امڪان واضح ٿيندا پيا وڃن ؟ چئني صوبن ۾ پ پ جي حڪومت بڻجي ٿي يا پي ٽي آئي کي سينيٽ ۾ ڏنل قرباني جو سلو ڏنو ويندو ؟ سينيٽ چيئرمين لاءِ آزاد اميدوار سينيٽر صادق سنجراڻي جي چيئرمين ۽ پ پ جي سينيٽر سليم مانڊي والا جي ڊپٽي چيئرمين طور ڪاميابي بعد اهي سوال جنم وٺن ٿا.

پاڪستان ۾ ڊرمائي انداز ۾ ٿيندڙ تبديليون ڪنهن زبردست قسم جي ڊرامي يا فلم کان گهٽ نه آھن، اڳ اهڙو سسپينس صرف ڊرامن ۽ فلمن ۾ نظر ايندو هو پر هاڻي اهو اسانجي سياست جي ننڍي ٿيئٽر ۽ وڏي ٿيئٽر ۾ نظر آيو ۽ تمام جلد صوبائي ٿيئٽرن ۾ نظر ايندو، تازو سينيٽ واري ٿيئٽر ۾ زبردست ڊرامائي تشڪيل نظر آئي ۽ سياست جي سر زمين تي ڀرپور حد دخليون ٿيندي به نظر پيون اچن جيڪو سياست لاءِ ڪو نيڪ شُگن ڪونهي، افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اهڙين حد دخلين تي جمهوريت جي وڏي علمبردار ۽ دعويدار پاڪستان پيپلز پارٽي وقتي ڪاميابي تي سياست ۾ ان حد دخلين تي خوشي جو اظهار پئي ڪري پ پ کي ياد رکڻ گهرجي ته اتي اوهان لاءِ به ڪات ڪهاڙا تکا پيا ٿين، اهي اڻ ڏٺيون قوتون اوهان سان به ائين ڪنديون بلڪه ان کان برو ڪنديون اها انهن جي روايت رهي آهي، جيڪڏهن اهي حد دخليون عام چونڊن به رهيون ته اهو ووٽ ڏيندڙ عوام سان وڏو دوکو هوندو.

چيئرمين سينيٽ چونڊجڻ کان اڳ مفاهمتي اڳواڻ جناب آصف علي زرداري فرمان جاري ڪيو ۽ ڌمڪي واري انداز ۾ خطاب ڪندي چيو هو ته نواز شريف سان رابطو نٿو رکڻ چاهيان نواز شريف جمهوريت لاءِ نه پر پنهنجي ذات لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، مان جڏهن چاهيان ان جي حڪومت ڪيرائي ڇڏيندس ۽ زرداري صاحب انهن طاقتن جي ڏڍ تي نواز شريف کي چيو هو توکي چيئرمين سينيٽ بنائڻ نه ڏيندس، انهن سمورن ڳالهين جو گهرائي سان جائزو وٺجي ته معلوم ٿيندو ته زرداري ملڪ جي حقيقي وارثن کي خوش ڪرڻ ۽ ايندڙ دور ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهڻ ۾ انهن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ رڌل آهي ۽ انهن وارثن جي شفقت واري ٿڦڪي به في الحال زرداري صاحب جي پٺيءَ تي آهي، جنهن جو اندازو سينيٽ اليڪشن جي رزلٽ، بلوچستان حڪومت جي تبديلي ۽ پ پ جي سخت مخالف عمران خان جو پ پ جي چونڊيل چيئرمين سينيٽ ۽ ڊپٽي چيئرمين جي حمايت مان لڳائي سگهجي ٿو،

عام چونڊن ۾ به صورتحال سينيٽ واري ڊرامي کان مختلف ناهي ٿيڻي ۽ پ پ کي هڪ دفعو وري اقتدار نصيب ٿيڻ جا چانس آهن، ڏسڻو اهو آهي ته پ پ جو ايندڙ متوقع اقتدار چئني صوبن تي هوندو يا ان ۾ ورهاست ٿيندي ۽ عمران خان کي سينيٽ ۾ ڏنل قرباني جو سلو ڏنو ويندو، پر هن ملڪ جا اصل وارث سياست کي مضبوط نٿا ڏسڻ چاهين ان لاءِ لازم هوندو ته اقتدار به ورهايل هجي. نواز شريف جي سياست کي مڪمل ختم ڪرڻ ۽ ان کي اقتدار کان ٻاهر ڪڍڻ جون ڀرپور ڪوششون لڳيون پيون آهن ان سلسلي ۾ شريف خاندان تي هر روز هڪ کان وڌ هڪ سياسي حملو ٿيندي نظر اچي پيو جنهن سان به زرداري صاحب جي پلان کي طاقت ملندي نظر اچي رهي آهي، ٻئي طرف عدالت به نواز شريف ۽ سندس خاندان کي مسلسل ڪٽهڙي ۾ بيهاريو آهي، نيب ڪيسن جي فيصلي سان نواز شريف جي سياسي مستقبل جو به فيصلو ٿي ويندو،  هن وقت تائين ته ن ليگ جي خامين جي ذميواري نااهل قيادت، ضد ۽ انا قرار ڏنو وڃي ٿو، ان باوجود سينيٽ اليڪشن ۾ نواز شريف پنهنجي سياسي بصيرت سان پتو ضرور کيڏيو ۽ رضا رباني کي بطور چيئرمين سينيٽ آڻڻ واري تجويز زرداري صاحب جا ڇڪا ڇڏائي ڇڏيا ۽ زرداري رضا رباني کي چيئرمين سينيٽ نه بڻائڻ جو کلي انڪار ڪيو ۽ ڪنهن حد تائين مشڪل جو شڪار نظر آيو پر ان ۾ مفاهمتي، سازشي، اُجرتي ۽ مراعاتي سياست وقتي طور ڀاري پئجي وئي ۽ نواز شريف جو کيڏيل پتو وقتي طور ناڪام ضرور ٿيو پر ان جو ايندڙ وقت ۾ نوازشريف کي ضرور سياسي فائدو رسندو، ان عمل سان نوازشريف پ پ اندر ٽوڙ ڦوڙ ۽ هڪ خاموش هلچل ضرور مچائي ڇڏي هئي، جنهن جا اثر ايندڙ وقت ۾ واضح ٿيندا ڇو ته پ پ اندر رضا رباني جو حمايتي گروپ موجود آهي جيڪو وڏي اڪثريت رکي ٿو.

سياسي پنڊتن ۽ سياسي حلقن جي راءِ آھي ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ ن ليگ جي شڪست ايندڙ عام چونڊن ۾ سندن شڪست جو اشارو آھي، جيڪڏھن سياست ۾ اهي ئي ڊرامائي انداز رهيا ته يقينن شڪست ٿي سگهي ٿي ۽ اهو جمهوريت سان وڏو دوکو چئبو ۽ عوام سان وڏي ويساهه گهاتي ٿيندي،  نوازشريف خلاف مهم ۾ ڊرامائي تشڪيل ڏيندڙ ليکڪن يا هدايت ڪارن کان ڪٿي غلطي ضرور ٿئي پئي ان عمل سان نواز شريف کي عوامي مقبوليت ملي رهي آهي ۽ هو روز عوامي طاقت جو مظاهرو ڪري پنهنجي خلاف قوتن کي وائکو ڪندو ٿو رهي، انهن قوتن کي اهو سوچڻو پوندو ته نوازشريف کي سياست ۽ اقتدار کان ڌار ڪرڻ سان گڏ عوام کان ڌار ڪرڻو پوندو نواز شريف کي ڏينهون ڏينهن عوامي مقبوليت ملي رهي آهي بلڪه ان ۾ اضافو پيو ٿئي، ڏسون ته اها مقبوليت عام چونڊن ۾ سندس لاءِ ڪيتري فائديمند ثابت ٿئي ٿي سندس سياسي مستقبل کي بچائڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي يا نه ؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽن ننڍن صوبن جي وڏن وزيرن جو بائيڪاٽ: قومپرستن جي موقف جي اخلاقي فتح آ

 زرار پيرزادو ڪو زمانو هوندو هو جڏهن پنجاب طرفان ننڍن صوبن جي وسيلن جو استحصال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے