26 جمعرات , اپریل 2018

ڊائو يونيورسٽي جي شاگردياڻين جون تصويرون، نمبر ۽ گهر جو پتو هر پان کائيندڙ جي هٿ ۾

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي انتظامي غفلت شاگردياڻين جي ڳچي ۾ پئجي وئي، شاگردياڻين جون تصويرون، فون نمبر ۽ گهر جي پتي وارا فارم ردي ۾ وڪڻيا ويا. ردي ۾ تصويرون ۽ نمبر ملڻ تي ماڻهن شاگردياڻين کي تنگ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، ڊائو يونيورسٽي جي شاگردياڻين کي اڻ ڄاتل ماڻهن جا ميسيج ۽ فون اچڻ شروع ٿي ويا، صورتحال کان پريشان هڪ شاگردياڻي سڄي ڪهاڻي سوشل ميڊي  تي آڻي يونيورسٽي جي غفلت بي نقاب ڪري ڇڏي. ڄاڻايل شاگردياڻي کي ميسيج ڪندڙ ٻڌايو ته يونيورسٽي جي فارم ۾ پان رکي وڪڻيو پيو وڃي ۽ اتان ئي کيس سندس تصوير ۽ نمبر مليو. اطلاعن موجب 2016ع سيشن جي ايم بي بي اي ۽ بي ڊي ايس جي شاگردياڻين جي اين ٽي ايس ٽيسٽ جا ايڊمٽ ڪارڊ جنهن تي شاگردياڻين جون تصويرون، ٽيليفون نمبر،  گهر جو پتو ۽ ٻي ڄاڻ لکيل هئي، انهن ايڊمٽ ڪارڊن کي ردي ۾ وڪڻيو ويو آهي. ڪراچي جي رهواسي هڪ شاگردياڻي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته کيس هڪ اڻڄاتل شخص فون ڪري ٻڌايو ته هو پان جي دڪان تان پان وٺي رهيو هو جنهن پرچي ۾ پان مليو اهو شاگردياڻي جو ايڊمٽ ڪارد هو جنهن تي سندس تصوير به لڳل هئي. يونيورسٽي جي ان غفلت کي سامهون آڻيندڙ شاگردياڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته پهرين مارچ تي کيس واٽس ايپ تي ميسيج مليا ۽ سندس پاسپورٽ سائز جون تصويرون به موڪليون. ان حوالي سان وائس چانسلر ڊائو يونيورسٽي ڊاڪٽر سعيد قريشي جو چوڻ آهي ته ردي ۾ مليل ايڊمٽ ڪارڊ 2015ع جا آهن، ايڊمٽ ڪارڊن جي ردي ۾ وڪري جي جاچ لاءِ ڪميٽي بڻائي ڇڏي آهي. هن ٻڌايو ته هڪ سال بعد ايڊمٽ ڪارڊ پاڻ ساڙيندا آهيون انهن کي وڪڻيو ناهي ويندو، ڪارڊ ردي ۾ ڪيئن وڪرو ٿيا ان جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ هاءَ ڪورٽ ڪراچي ۾  شرجيل انعام  ميمڻ جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ هاءَ ڪورٽ ڪراچي ۾  اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام  ميمڻ ۽ ٻين جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے