26 جمعرات , اپریل 2018

عامر لياقت جي پي ٽي آءِ ۾ شموليت، وفاقي وزير احسن اقبال جو بيان سامهون اچي ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ) ناليواري اينڪرپرسن عامر لياقت پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن ۾ هن چيو ته مون خان صاحب نه پر پاڪستان کي جوائن ڪيو آهي ڇو ته عمران خان پاڪستان جي لاءِ ڪرپشن خلاف ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته منهنجو آخري مقام تحريڪ انصاف آهي ۽ هميشه تحريڪ انصاف سان سلهاڙيل رهندس تنهن هوندي هاڻ ان بيان تي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال ميدان ۾ اچي ويو. تفصيل موجب وفاقي گهرو وزير احسن اقبال ٽويٽر تي پيغام جاري ڪندي چيو ته اهو رڪارڊ جي لاءِ آهي، آئون ان ملاقات ۾ ساڻس موجود هيس جڏهن ڊاڪٽر عامر لياقت نواز شريف سان ڪراچي ۾ ميٽنگ ڪئي ۽ هن کان درخواست ڪئي ته هو عوامي ميٽنگ جي لاءِ ڪجهه وقت ڏئي ۽ گڏوگڏ چيو ته توهان ئي پاڪستان جا سچا ليڊر آهيو ۽ اميد جي آخري ڪِرڻ آهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام هاڻي خواجه آصف جي پاڇي کي به ووٽ ڏيندو: مريم نواز

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته عوام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے