25 بدھ , اپریل 2018

عامر لياقت تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عامر لياقت حسين ۽ ناليواري اداڪار عابد علي تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان عامر لياقت حسين کي پارٽي ۾ شموليت تي ڀليڪار ڪندي چيو ته عامر لياقت کي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار چوان ٿو، عامر لياقت  جي پي آءِ ٽي کي ضرورت آهي. عمران خان چيو ته عامر لياقت جي شموليت تي ميڊيا جي وڏي دلچسپي تي حيران آهيان، اسان کي ميڊيا ۾ عامر لياقت جي ضرورت آهي، ڪراچي جا ماڻهو تحريڪ انصاف کي تبديلي آڻڻ جو موقعو ڏين، چاهيون ٿا ته سنڌ جا ماڻهو هاڻ تحريڪ انصاف کي موقعو ڏين اسان ڪم ڪري ڏيکارينداسين. تحريڪ انصاف جي چيئرمين ڪراچي واسين کي پي ٽي آءِ ۾ شموليت جي اپيل ڪندي چيو ته عمران خان جي لاءِ نه پر پنهنجن ٻارن ۽ انهن جي مستقبل لاءِ تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته ڪراچي جا شهري شهر جي موجوده صورتحال کي تبديل ڪري ان کي ٻيهر روشنين جو شهر بڻائن، جيڪي ماڻهو هتان وارا وٺندا رهيا انهن هن ڪراچي جي بهتري جي باري ۾ ڪجهه به نه سوچيو. ان موقعي تي عامر لياقت حسين چيو ته پي ٽي آءِ منهنجي آخري پارٽي آهي، آئون هميشه ايم ڪيو ايم ۾ رهيس ۽ هاڻ تحريڪ انصاف منهنجو آخري مقام آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هارين کي عدم ادائيگيون:  سپريم ڪورٽ سڄي ملڪ جي شگر مل مالڪن کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ هارين کي ڪمند جي فصل جي عيوض ادائيگيون نه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے