25 بدھ , اپریل 2018

سازشي مهرا وائکا ٿي ويا: مريم نواز

ننڪانا صاحب (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ حمزا شهباز چيو آهي ته نواز شريف بڻجڻ لاءِ وڏا ڪشالا ڪرڻا پوندا آهن، سندس نالي اڳيان “وزيراعظم” لڳڻ گهرجي. ننڪانا صاحب جي علائقي سانگلا هل ۾ جلسي کي خطاب ڪندي حمزا شهباز چيو ته نواز شريف ملڪ کي اونداهين مان ڪڍي روشنين ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، سندس نااهلي باوجود لوڌران ۾ جهانگير ترين جو جهاز ڪريش ٿيو. هن چيو ته ڪنٽينر تي چڙهي گاريون ڏيڻ سان ڪير ليڊر ناهي بڻجندو، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف جي سڀ کان وڏي فتح اها آهي ته جڏهن فيصلي جو وقت اچڻ ۾ ڪجهه هفتا وڃي بچيا آهن ته سازشي مهرن عوام جو فيصلو آسان بڻائي ڇڏيو آهي، سازشين جا چهرا بي نقاب ٿي ويا، هاڻ عوام اڳيان ڪهڙو منهن کڻي ووٽ وٺڻ ويندا. سانگلا هل ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته جن نواز شريف کي هارائڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن کي ٻڌائي ڇڏيو ته نواز شريف هارايو نه پر کٽيو آهي، عمران ۽ زرداري ڀائر آهن، جيڪو ووٽ عمران کي ڏيندئو اهو زرداري کي ڏنو ويندو ۽ جيڪو ووٽ زرداري کي ملندو اهو عمران خان ڏانهن ويندو، انهن ٻنهي جو نظريو ساڳيو آهي، نواز شريف جي خوف کان هڪٻئي کي ڦورو چوندڙ هاڻ هٿ ملائي رهيا آهن، اها نواز شريف جي نظرئي جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته نواز شريف کي سزا اڳ ۾ ملي ۽ هاڻ ڪيس هلي رهيو آهي، اهڙي ناانصافي تي عوام آواز اٿاريو، جنهن تي کين سلام پيش ڪيان ٿي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جسٽس ثاقب سيڪريٽري هو، نئب جاچ ڪري ته چيف جسٽس ڪيئن بڻيو: نواز شريف

اسلام آباد ( بيورو ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته نئب  جاچ ڪري ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے