26 جمعرات , اپریل 2018

پي ايس ايل پلي آف: ڪراچي ڪنگز جو اسلام آباد يونائيٽيڊ خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي پهرين ڪواليفائر ۾ ڪراچي ڪنگز جي ٽيم اسلام آباد خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي. ٽاس کٽڻ کانپوءِ ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان اين مورگن جو چوڻ هو ته ٽيم ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي، پچ بيٽنگ لاءِ بهتر لڳي رهي آهي، تنهن ڪري ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ڪوشش هوندي ته وڏو اسڪور ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهون، جڏهن ته اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم مصباح الحق جي انجريءَ سبب جي پي ڊومني جي اڳواڻي ۾ ميدان تي لٿي آهي، جنهن ۾ صاحبزادا فرحان جي واپسي ٿي آهي. واضح رهي ته اڄوڪي ميچ کٽيندڙ ٽيم فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويندي، جڏهن ته هارائيندڙ ٽيم کي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ ايليمنيٽر 2 جي ڪامياب ٽيم سان مقابلو ڪرڻو پوندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيالڪوٽ جي عوام کي گاڊ فادر مان ڇوٽڪارو ڏياريو آهي: عثمان ڊار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عثمان ڊار چيو آهي ته سيالڪوٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے